زبور 74 - Muslim Sindhi Bibleهيڪل جي تباهيءَ تي آہ وَ زاري (آسف جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خدا! تو هميشہ جي لاءِ اسان کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ اسين جيڪي تنهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيون، تن تي تنهنجو ناراضپو ڇو آهي؟ 2 تون پنهنجي انهيءَ قوم جو خيال ڪر، جنهن کي تو قديم زماني کان چونڊيو آهي. هائو، انهن کي تو پنهنجو ئي بڻائڻ لاءِ ڇڏايو آهي. تون صيئون جبل جو بہ خيال ڪر، جنهن تي تون ڪنهن وقت رهندو هئين. 3 تون وک کڻي پنهنجي ڊٺل هيڪل ڏانهن ڏس، دشمنن ڪيڏي نہ تباهي ڪري انهيءَ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي. 4 تو سان ملاقات واري انهيءَ جاءِ ۾ تنهنجا دشمن گجندا ٿي وتيا، هنن فتح جي نشانيءَ طور اتي پنهنجا جھنڊا کڙا ٿي ڪيا. 5 اهي دشمن بلڪل انهن ماڻهن جهڙا ٿي لڳا، جيڪي ٻيلي منجھہ ڪهاڙن سان وڻ ٿا وڍين. 6 هائو، انهن تنهنجي گھر جي سڄي نقش نگاريءَ کي، ڪهاڙين ۽ مترڪين سان ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ٿي ڇڏيو. 7 هنن تنهنجي مقدس هيڪل کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو. هنن انهيءَ جاءِ کي ڊاهي پليت ڪيو هو، جيڪا تنهنجي نالي سان منسوب هئي. 8 هنن هڪٻئي کي چيو ٿي تہ ”اچو تہ اسين هن قوم کي بلڪل ئي چٿي ڇڏيون.“ سو ملڪ ۾ جيڪي بہ تنهنجيون عبادتگاهون هيون، سي سڀ هنن ساڙي ڇڏيون. 9 اسين تنهنجي ڪابہ نشاني ڪين ٿا ڏسون، نڪي اسان وٽ ڪو نبي بچيو آهي. اسان جو هي حال ڪيستائين رهندو؟ اهو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي. 10 اي خدا! تنهنجا دشمن ڪيستائين تو تي ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڇا اهي هميشہ تنهنجي نالي جي بيحرمتي پيا ڪندا رهندا؟ 11 تو پنهنجو هٿ اسان جي مدد کان ڇا جي ڪري روڪي ڇڏيو آهي؟ ڇو تون پنهنجو زورآور هٿ پنهنجي بغل ۾ لڪائي رکين ٿو؟ 12 پر اي خدا! تون قديم وقت کان اسان جو بادشاهہ آهين، ۽ تون ئي تہ دنيا ۾ سوڀارو ڪندڙ آهين. 13 تو ئي تہ پنهنجيءَ قدرت سان سمنڊ کي چيري ڌار ڪيو هو. تو ئي تہ سمنڊ ۾ اجگر نانگن جا مٿا چٿي ڇڏيا هئا. 14 ازدها بلا جي سسيءَ کي تو ئي چچري ڇڏيو هو، ۽ انهيءَ کي بيابان جي جانورن جو کاڄ بڻايو هو. 15 تو ئي سڪل چشمن ۽ برساتي نهرن کي جاري ڪيو هو، ۽ تو ئي پاڻيءَ سان ڀريل وڏا وڏا درياءَ سڪائي ڇڏيا هئا. 16 بيشڪ ڏينهن تنهنجو آهي ۽ رات بہ تنهنجي ئي آهي، ۽ تو ئي سج ۽ چنڊ کي جوڙي قائم رکيو آهي. 17 ڌرتيءَ جون سموريون حدون تو ئي مقرر ڪيون آهن، ۽ تو ئي گرميءَ توڙي سرديءَ جون مندون مقرر ڪيون آهن. 18 اي خداوند! اها ڳالهہ نہ وسارج تہ دشمنن تو تي ٺٺوليون ڪيون آهن، هائو، انهيءَ نادان قوم تنهنجي نالي جي بيحرمتي ڪئي آهي. 19 سو اسين جيڪي تنهنجي پاليل ڳيري مثل آهيون، تن جي جان انهن جھنگلي جانورن جي حوالي نہ ڪر. تون پنهنجي قوم جي ڏکويل حياتيءَ کي هميشہ لاءِ وساري نہ ڇڏ. 20 تون اسان سان ٻڌل پنهنجي عهد جو ڀرم سدائين قائم رک، ڇو تہ دنيا جي اونداهن هنڌن تي ظالم دشمن لڪا ويٺا آهن. 21 ائين نہ ٿئي جو ڪو مظلوم شرمندو ٿي تو وٽان موٽي وڃي. اٽلندو شل غريب ۽ محتاج تنهنجي نالي جي واکاڻ پيا ڪن! 22 اُٿ اي خدا! پنهنجي نالي کي بيحرمتيءَ کان بچائڻ لاءِ ڪجھہ ڪر. ڏس ڪيئن نہ نادان ماڻهو سڄو ڏينهن تو تي ٺٺوليون ڪن ٿا. 23 هائو، پنهنجي دشمنن جي آواز کي نظرانداز نہ ڪر، انهيءَ هل هنگامي کي، جيڪو تنهنجا مخالف جاري رکيو ٿا اچن. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society