زبور 73 - Muslim Sindhi Bibleخدا جو انصاف (آسف جي زبورن ۾ شامل) 1 بيشڪ خدا بني اسرائيل تي مهربان آهي. جيڪي پاڪ دل آهن تن تي هو مهربان آهي. 2 پر منهنجا پير تِرڪڻ تي هئا، هائو، ذري گھٽ اعتماد ويو ٿي. منهنجا قدم ٿاٻو کائڻ تي هئا، هائو، ذري گھٽ ايمان ويو ٿي. 3 جڏهن مون بڇڙن جي اقبالمندي ڏٺي، تڏهن انهن مغرورن تي مون کي ريس آئي هئي. 4 هن ڪري جو اهي ڪوبہ ڏک ڪين ٿا ڏسن، بلڪ تندرست ۽ مضبوط ٿا رهن. 5 هنن تي عام ماڻهن وانگر ڪو ٻوجھہ نہ ٿو پوي، نڪي وري مٿن عام ماڻهن وانگر ڪا آفت ٿي اچي. 6 تنهنڪري غرور سندن ڳلي جو هار ٿيو پوي، ۽ ظلم کي ڄڻ هو پنهنجي پوشاڪ ڪري پائي ٿا ڇڏين. 7 انهن جي دلين مان بڇڙايون وهي نڪرن ٿيون، ۽ انهن جا دماغ بڇڙن منصوبن ۾ رُڌل رهن ٿا. 8 هو ٺٺوليون ٿا ڪن ۽ بغض واريون ڳالهيون ڪن ٿا. اهي مغروريءَ سان ظلم جون ڌمڪيون ڏين ٿا. 9 هو خدا جي خلاف ڳالهائڻ جي جرئت ڪن ٿا، ۽ غرور وچان ڌرتيءَ وارن تي حڪم هلائين ٿا. 10 اهو ڏسي خدا جي قوم بہ سندن پاسي ڦرندي وڃي ٿي، ۽ هو جيڪي بہ چون ٿا تنهن کي اها پاڻيءَ جيان پي وڃي ٿي. 11 اهي چوندا وتن ٿا تہ ”خدا ڪين ٿو ڄاڻي سگھي،“ ۽ هيئن بہ ٿا چون تہ ”خدا تعاليٰ کي ڪا خبر نہ پوندي.“ 12 ڏسو، اهي بڇڙا آهن. اهي سدائين بيفڪرا ٿي ڌن دولت وڌائيندا رهن ٿا. 13 پوءِ ڇا مون اجايو پنهنجيءَ دل کي صاف رکيو آهي؟ ۽ ڇا ناحق مون پنهنجي هٿن کي پاڪ رکيو آهي؟ 14 روزانو اٿڻ سان ئي مون کي سزا ملندي رهي ٿي، بلڪ سڄو ڏينهن آءٌ آفتن منجھہ گذاريان پيو. 15 پر اي خدا! جيڪڏهن آءٌ سوچيان ها تہ ”آءٌ بہ انهن وارا خيال اختيار ڪندس،“ پوءِ جيڪر آءٌ تنهنجي قوم سان بيوفائي ڪريان ها. 16 اي خدا! مون غور ويچار ٿي ڪيو تہ آءٌ ان ڳالهہ جي حقيقت کي سمجھي وٺان. پر مون ڏٺو تہ اها ڳالهہ منهنجي سمجھہ کان ٻاهر آهي. 17 پوءِ جڏهن آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل ۾ داخل ٿيس، تڏهن ئي مون انهن ماڻهن جي انجام بابت سمجھي ورتو. 18 بيشڪ تون انهن کي ترڪڻين راهن تي هلائين ٿو، ۽ کين برباديءَ ڏانهن ڌِڪي ڇڏين ٿو. 19 پوءِ ڪيئن نہ اهي اک ڇنڀ ۾ برباد ٿي وڃن ٿا. هائو، اهي خوف وچان بلڪل فنا ٿي وڃن ٿا. 20 اي ڌڻي! تون اُٿي انهن کي ائين حقير ڄاڻي ڇڏ، جيئن ڪو خواب ڏسي جاڳي اٿڻ تي حقير ڄاڻي اهو وساريو ڇڏي. 21 ڪنهن وقت منهنجي دل ايڏي رنجيدہ ٿيندي هئي، جو ڄڻ ڪا ڪاتي منهنجي اندر ۾ وڍ ڏيندي هئي. 22 جيئن جانور کي ڪا سمجھہ ڪانهي، تيئن آءٌ ان وقت تنهنجي اڳيان بيعقل هئس. 23 تنهن هوندي بہ آءٌ سدائين تو سان گڏ رهيس، تڏهن تو منهنجو ساڄو هٿ جھلي ورتو. 24 تون پنهنجي هدايت سان منهنجي رهنمائي ڪندو رهندين، ۽ پوءِ آخرڪار تون شان سان مون کي قبول ڪندين. 25 آسمان ۾ توڙي زمين تي مون کي ٻئي ڪنهن جي ضرورت ڪانهي، آءٌ رڳو تو کي ئي چاهيان ٿو. 26 توڙي جو منهنجو جسم ۽ جان ڳرندا ٿا وڃن، تہ بہ تون خدا ئي هميشہ تائين منهنجي طاقت ۽ منهنجي ميراث آهين. 27 ڏس، تو کي جيڪي بہ ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ فنا ٿيندا. هائو، جيڪي بہ تو کان ڦري بيوفا ٿا ٿين، تن سڀني کي تون برباد ڪري ڇڏيندين. 28 پر مون لاءِ اهو چڱو آهي جو آءٌ تو کي ويجھو ٿيان. تو خداوند خدا کي ئي مون پنهنجي پناهہ بڻايو آهي، تانتہ آءٌ تنهنجي سڀني ڪيل ڪمن جو بيان ڪريان. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society