Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 72 - Muslim Sindhi Bible


بادشاهہ لاءِ دعا
(سليمان جو زبور)

1 اي خدا! بادشاهہ کي پنهنجو انصاف عطا ڪر، هائو، انهيءَ کي تون پنهنجي سچائي عطا ڪر.

2 تڏهن هو سچائيءَ سان تنهنجي قوم جي عدالت ڪندو، ۽ تنهنجي غريبن تي انصاف سان حڪمراني ڪندو.

3 پوءِ قوم لاءِ جبلن منجھان بہ خوشحالي پيدا ٿيندي. هائو، سچائيءَ تي هلڻ سان ٽڪرن مان بہ امن وَ سلامتي ملندي.

4 شل بادشاهہ قوم جي غريبن جو انصاف ڪندو رهي! شل هو محتاجن کي بچائيندو ۽ ظالمن کي چيڀاٽيندو رهي!

5 جيستائين سج ۽ چنڊ قائم رهي، تيستائين شل پيڙهي بہ پيڙهي سندس بادشاهت قائم رهي!

6 جيئن فصل تي برسات پوندي آهي، يا جيئن وسڪارو زمين کي ڀِڄائي ٿو، تيئن شل بادشاهہ برڪت بڻجي.

7 سندس ڏينهن ۾ شل سچار ماڻهو وڌن ۽ آباد ٿين! جيستائين بہ سج چنڊ قائم رهي تيستائين خوشحالي رهي.

8 اولهہ کان اوڀر تائين توڙي اتر کان ڏکڻ تائين، هن جي ئي حڪومت پيئي هلندي.

9 رڻ‌پٽ جا رهاڪو بہ هن جي اڳيان اچي جھڪندا، ۽ سندس دشمن مٽي چٽيندا.

10 ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ هن لاءِ نذرانا آڻيندا. صبا ۽ شبا ملڪن جا بادشاهہ هن لاءِ سوغاتون آڻيندا.

11 سمورا بادشاهہ اچي سندس آڏو جھڪندا، ۽ سموريون قومون اچي سندس خدمت ڪنديون.

12 محتاج جڏهن فرياد ٿو ڪري، تڏهن بادشاهہ کيس ڇڏائي ٿو. هو انهيءَ غريب کي ڇڏائي ٿو جنهن جو ڪوبہ مددگار ڪونهي.

13 مسڪين ۽ محتاج تي هو ڪهل ٿو ڪري، ۽ انهن جون جانيون بچائي ٿو.

14 هائو، هو انهن کي ظلم ۽ زبردستيءَ کان بچائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ سندس نظر ۾ انهن جو رت بيحد قيمتي آهي.

15 سو شل بادشاهہ سدائين جيئي، ۽ کيس شبا جو سون ڏنو وڃي! شل هن لاءِ هر دم دعائون گھريون وڃن، ۽ کيس سدائين برڪتون عطا ٿين.

16 شال ملڪ ۾ جھجھو اناج ٿئي، جيڪو جبلن جي چوٽيءَ تائين پيو جھولي! شال انهيءَ جا فصل اهڙا گھاٽا ٿين، جهڙا لبناني جابلو علائقي جا ٻيلا آهن! شال انهيءَ جي شهرن جي آبادي ائين وڌي، جيئن ڌرتيءَ جو گاهہ وڌي ٿو!

17 شال انهيءَ جو نالو سدائين سڳورو رهي، هائو، جيستائين آسمان ۾ سج قائم رهي. شال سندس وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملي، ۽ سڀيئي قومون هن لاءِ ڀلائي گھرن.

18 شل خداوند، بني اسرائيل جو خدا سڳورو هجي! رڳو اهو ئي تہ اهڙا عجيب وَ غريب ڪم ڪري ٿو.

19 شل سندس عظمت وارو نالو هميشہ تائين سڳورو رهي! شل هي سڄو جهان سندس جلوي سان ڀرپور هجي! آمين، ثم آمين.

20 هتي دائود ولد يسيءَ جون دعائون پوريون ٿيون.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan