زبور 71 - Muslim Sindhi Bibleهڪ ٻڍڙي ماڻهوءَ جي دعا 1 اي خداوند! آءٌ تنهنجي پناهہ ٿو وٺان. مون کي تون ڪڏهن بہ شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ. 2 پنهنجي سچائيءَ موجب اچي مدد ڪري مون کي بچاءِ، تون مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي ۽ مون کي بچائي وٺ. 3 مون لاءِ تون پناهہ جو ٽَڪر ۽ مضبوط قلعو ٿيءُ، تانتہ آءٌ تنهنجي حفاظت منجھہ پيو رهان، ڇاڪاڻ تہ تون ئي تہ منهنجو محافظ ۽ منهنجو قلعو آهين. 4 اي منهنجا خدا! مون کي بدڪار ماڻهوءَ جي هٿان ڇڏاءِ. هائو، تون مون کي بڇڙي ۽ ظالم ماڻهوءَ کان اچي ڇڏاءِ. 5 اي خداوند خدا! تون ئي تہ منهنجي اميد آهين. ننڍپڻ کان وٺي منهنجو ڀروسو تو تي ئي آهي. 6 منهنجي ڄمڻ کان وٺي منهنجو اعتماد تو تي رهيو آهي. تون مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ کان ئي سنڀاليندو رهيو آهين. آءٌ سدائين تنهنجي تعريف پيو ڪندس. 7 گھڻن ماڻهن جي نظر ۾ آءٌ حيرانيءَ جو سبب بڻيو آهيان، پر تون ئي تہ آهين جيڪو منهنجي مضبوط پناهہ بڻيو آهين. 8 منهنجو وات تنهنجيءَ واکاڻ سان هر دم ڀرپور رهي ٿو. هائو، آءٌ سڄو ڏينهن تنهنجي عظمت بيان ڪندو رهان ٿو. 9 مون کي ٻڍاپي جي وقت تي تون ڇڏي نہ ڏج. هائو، انهيءَ هيڻائيءَ جي وقت مون کي وساري نہ ڇڏج. 10 منهنجا دشمن منهنجي خلاف ڳالهيون ڪن ٿا. هائو، جيڪي مون کي مارڻ جي تاڙ ۾ آهن، سي پاڻ ۾ گڏجي سازش سِٽين ٿا. 11 اهي هيئن چون ٿا تہ ”خدا هن کي ڇڏي ڏنو آهي. سو هن جي پٺيان پئي کيس پڪڙيو، ڇوجو کيس ڇڏائڻ وارو ڪوئي ڪونهي.“ 12 اي خدا! تون مون کان پري نہ ٿيءُ، اي منهنجا خدا! جلدي اچي منهنجي مدد ڪر. 13 جيڪي منهنجو نقصان ٿا چاهين سي شل ذليل وَ خوار ٿين. هائو، جيڪي مون تي تهمتون ٿا هڻن، سي شل خوار خراب ٿي ناس ٿي وڃن. 14 پر آءٌ سدائين تو ۾ پنهنجي اميد پيو رکندس، ۽ تنهنجي واکاڻ وڌ کان وڌ پيو ڪندس. 15 آءٌ سڄو ڏينهن ڇڏائڻ وارين تنهنجي ڀلائين جو بيان پيو ڪندس. هائو، انهن جي شمار جو ڪو ئي بہ اندازو ناهي. 16 آءٌ تو خداوند خدا جي قدرت جو بيان ڪندو رهندس. هائو، آءٌ تنهنجي ڀلائين جو ذڪر پيو ڪندس. 17 اي خدا! منهنجي ننڍپڻ کان ئي تون مون کي سيکاريندو آيو آهين. آءٌ اڄ تائين تنهنجي عجيب ڪمن جو ذڪر ڪندو آيو آهيان. 18 سو جڏهن آءٌ پوڙهو ۽ اڇي مٿي سان ٿيان، تڏهن بہ مون کي ڇڏي نہ ڏجانءِ، جيستائين ايندڙ پيڙهيءَ کي تنهنجي قدرت بابت نہ ٻڌايان. 19 اي خدا! تنهنجي سچائي آسمان کان بہ بلند آهي. اي خدا! تو ڪيڏا نہ وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن، ڪير آهي جيڪو تنهنجي برابري ڪري سگھي! 20 تو مون کي گھڻين ۽ سخت تڪليفن ۾ پيڙي ڇڏيو آهي. پر تون ئي مون کي انهيءَ پاتال مان ڪڍي ٻاهر آڻيندين، ۽ هڪ نئين زندگي عطا ڪندين. 21 بيشڪ تون ئي منهنجي عزت کي وڌائيندين، ۽ مون کي نئين سر راحت بخشيندين. 22 اي منهنجا خدا! آءٌ سارنگي وڄائي، تنهنجي وفا جي واکاڻ ڪندس. اي بني اسرائيل جا پاڪ معبود! آءٌ دنبورو وڄائي تنهنجي تعريف ڳائيندس. 23 تو مون کي ڇڏايو آهي، سو آءٌ گيت ڳائيندي تنهنجي واکاڻ ڪندس. هائو، آءٌ دل وَ جان سان خوشيون ملهائي تنهنجي تعريف ڪندس. 24 منهنجي زبان سڄو ڏينهن تنهنجي سچائيءَ جو بيان ڪندي رهندي، ڇو تہ جن منهنجو نقصان پئي چاهيو، سي شڪست کائي خوار خراب ٿيا آهن. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society