زبور 70 - Muslim Sindhi Bibleاِلاهي مدد لاءِ دعا ( زبور 40:13-17 ) (استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي خداوند کي يادگيري ڏيارڻ لاءِ ڳايو وڃي. دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خدا! مون تي ٻاجھہ ڪري اچي مون کي ڇڏاءِ. اي خداوند! هاڻي جلدي اچي منهنجي مدد ڪر. 2 جيڪي منهنجي جان وٺڻ چاهين ٿا، سي سڀ شل خوار خراب ٿين ۽ منجھي پون! جيڪي مون کي نقصان پهچائڻ ٿا چاهين، شل سي ذليل وَ خوار ٿي پٺ ڏيئي ڀڄيو وڃن! 3 جيڪي ماڻهو رونشي طور مون تي ”اِيهو، اِيهو،“ ڪن ٿا، شل سي شڪست کائي خوار خراب ٿين! 4 شل تنهنجا سڀ طالبو تنهنجي ڪمن ڪري خوشيون ڪن ۽ سرها ٿين! جيڪي تنهنجي طرفان ڇڏائڻ جا سڪايل آهن، شل سي سدائين پيا چوندا رهن تہ ”خدا ڪيڏو نہ عظيم آهي!“ 5 اي خدا! آءٌ مسڪين ۽ محتاج آهيان، جلدي اچي منهنجي مدد ڪر. اي خداوند! تون ئي منهنجو مددگار ۽ بچائيندڙ آهين، سو دير نہ ڪر. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society