زبور 7 - Muslim Sindhi Bibleانصاف لاءِ دعا ( دائود پنهنجو هي زبور ڪُوش بنيامينيءَ جي ڳالهين سبب خداوند جي حضور ۾ ڳايو.) 1 اي خداوند، منهنجا خدا! آءٌ تنهنجي پناهہ وٺان ٿو، جيڪي منهنجو پيڇو ڪن ٿا تن کان مون کي بچاءِ. 2 ائين نہ ٿئي جو اهي بگھڙ وانگر اچي مون کي پڪڙين ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏين، جتي مون کي بچائڻ وارو بہ نہ هجي. 3-4 اي خداوند، منهنجا خدا! جيڪڏهن منهنجي هٿن مان ڪو ظلم جو ڪم ٿيو آهي، يا جيڪڏهن ڪنهن دوست سان مون نيڪيءَ جي بدلي بدي ڪئي آهي، بلڪ دشمن جي بديءَ جي بدلي ۾ بہ جيڪڏهن نيڪي ڪري کيس نہ بچايو اٿم، هائو، جيڪڏهن مون کان اهڙو ڪو ڪم ٿيو آهي، 5 تہ پوءِ ڀل مخالف منهنجي پٺيان پون ۽ مون کي اچي پڪڙين. هائو، ڀل اهي منهنجي حياتي لتاڙين، ۽ منهنجي لاش کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏين. 6 اي خداوند! تون پنهنجي قهر وَ غضب سان اُٿ، تون منهنجي دشمنن جي غضب آڏو اُٿي کڙو ٿيءُ. اُٿ، اي خداوند! منهنجي مدد ڪر، ۽ حڪم ڏي تہ جيئن انصاف ٿئي. 7 هائو، سڀني قومن کي پنهنجي آڏو آڻي گڏ ڪر، ۽ انهيءَ ميڙي جي مٿان تون عرش تان پنهنجو حڪم هلاءِ. 8 اي خداوند! انسانذات جو انصاف ڪندڙ تون ئي آهين. سو منهنجي سچائيءَ ۽ صداقت موجب منهنجو انصاف ڪر. 9 تون بڇڙن جي بڇڙائيءَ جو خاتمو ڪر، ۽ سچارن کي قائم وَ دائم رک، ڇاڪاڻ تہ اي سچا خدا! تون ئي دل ۽ دماغ جو جاچيندڙ آهين. 10 بيشڪ خدا ئي منهنجو محافظ آهي. اهو ئي دل جي سچارن کي بچائي ٿو. 11 بيشڪ خدا ئي سچو انصاف ڪندڙ آهي، هائو، اهڙو خدا جيڪو روزانو بدڪارن کي غصو ٿو ڏيکاري. 12 پوءِ جيڪڏهن اهي پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز نہ ايندا، تہ هو پنهنجي تلوار کي تيز ڪندو، ۽ پنهنجي تيرڪمان کي ڇڪي تيار ڪندو. 13 هو پنهنجي تيرن کي باهہ جا شعلا بڻائي ڇڏيندو. هائو، هو بدڪارن لاءِ موت جا هٿيار تيار ڪندو. 14 ڏسو، بدڪارن کان ڪيئن نہ بدڪاري اڀامي ٿي نڪري، بڇڙائيءَ جو ڪُنو چاڙهي اهي ڪوڙ کي پچائي ڪڍين ٿا. 15 هو ٻين جي لاءِ اونهي کڏ کوٽين ٿا، پر پنهنجي کوٽيل کڏ ۾ پاڻ ئي وڃيو ڪرن ٿا. 16 هنن جي لچائي موٽي اچي خود انهن جي مٿان پوي ٿي. هو جيڪو ظلم ڪن ٿا سو سندن ئي ڪنڌ تي اچي ڪڙڪي ٿو. 17 اي خداوند! آءٌ تنهنجي انصاف جو شڪرانو پيو ڪندس. آءٌ تو خداوند تعاليٰ جي نالي جي واکاڻ پيو ڳائيندس. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society