زبور 69 - Muslim Sindhi Bibleستايل جو فرياد (استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي ”سوسن“ جي سُر تي ڳايو وڃي. دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خدا! تون مون کي بچاءِ، ڇوجو پاڻي منهنجي ڳچيءَ تائين اچي پهتو آهي. 2 آءٌ اونهيءَ ڌٻڻ ۾ لهندو ٿو وڃان، جنهن ۾ بيهڻ جي جاءِ ڪانهي. آءٌ اونهي پاڻيءَ ۾ اچي پيو آهيان، ۽ ڇوليون منهنجي مٿان گذرن ٿيون. 3 دانهون ڪندي ڪندي آءٌ ٿڪجي پيو آهيان، ۽ نڙي بہ سُڪي ويئي اٿم. اي منهنجا خدا! تنهنجي راهہ ڏسندي ڏسندي منهنجيون اکيون بہ ضعيف ٿي ويون آهن. 4 جيڪي بنا سبب مون سان دشمني رکن ٿا، سي مٿي جي وارن کان بہ گھڻا آهن. جيڪي ناحق منهنجا مخالف بڻيا آهن، سي زورآور آهن ۽ مون کي تباهہ ڪرڻ گھرن ٿا. جيڪي مون ڪڏهن چورايو ئي ڪونهي، سو هو مون کان واپس وٺڻ گھرن ٿا. 5 اي خدا! منهنجي نادانيءَ کي تون ئي ٿو ڄاڻين، منهنجا گناهہ تو کان ڳجھا ڪين آهن. 6 اي خداوند، قادرِمطلق خدا! جيڪي تو تي توڪل رکن ٿا، سي شل منهنجي ڪري ڪڏهن شرمندا نہ ٿين! اي بني اسرائيل جا خدا! منهنجي ڪري تنهنجا طالب بدنام نہ ٿين. 7 انهيءَ سبب جو مون کي تنهنجي خاطر ايڏا طعنا هنيا ٿا وڃن، جو آءٌ شرم منجھہ ٻڏي ويو آهيان. 8 پنهنجي مٽن مائٽن وٽ آءٌ ڌاريو ٿي پيو آهيان، بلڪ پنهنجيءَ ئي ماءُ جي اولاد وٽ آءٌ اجنبي ٿي پيو آهيان. 9 منهنجي اندر ۾ تنهنجي گھر لاءِ ايتري تہ غيرت آهي، جو جيڪي طعنا تو کي ٿا هنيا وڃن سي مون تي ٿا اچيو پون. 10 جڏهن مون روزو رکي پنهنجيءَ جان کي ڏک ڏنو، تڏهن انهيءَ جي لاءِ بہ مون کي مهڻا ئي مهڻا ٿا ملن. 11 جڏهن مون ڏک وچان کٿي کي پنهنجو لباس بڻايو هو، تڏهن انهيءَ جي لاءِ بہ آءٌ چرچو بڻجي ويو هئس. 12 جيڪي شهر جي چونڪن ۾ ٿا ويهن، سي مون تي ٺٺوليون ٿا ڪن، بلڪ جيڪي نشئي آهن سي بہ مون تي راڳ ٿا ٺاهين. 13 پر اي خداوند! آءٌ تو کان دعا گھران ٿو. پنهنجي قبوليت جي وقت تي تون ان کي اگھاءِ. اي خدا! پنهنجي دائمي ٻاجھہ سان منهنجي مدد ڪر، ۽ پنهنجو بچائڻ وارو واعدو پورو ڪر. 14 تون مون کي ڌٻڻ ۾ ٻڏڻ نہ ڏي، بلڪ پاڻيءَ جي اونهاين مان مون کي بچائي وٺ. هائو، منهنجي دشمنن کان مون کي ڇڏائي وٺ. 15 ائين نہ ٿئي جو اها ٻوڏ مون کي ٻوڙي ڇڏي، يا آءٌ اُونهي سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃان، يا وري قبر مون کي ڳهي وڃي. 16 اي خداوند! منهنجو عرض ٻڌ، ڇوجو تنهنجي دائمي شفقت ڪيڏي نہ چڱي آهي. هائو، تون پنهنجي بيحد ٻاجھہ جي ڪري مون تي ڌيان ڏي. 17 تون پنهنجي هن ٻانهي کان منهن نہ موڙ، بلڪ منهنجو عرض جلد اگھاءِ، ڇوجو آءٌ مصيبت ۾ مبتلا آهيان. 18 اي خدا! اچ، اچي منهنجي جان ڇڏاءِ، ۽ منهنجي دشمنن کان مون کي بچاءِ. 19 تون منهنجي مهڻن، بيعزتين ۽ بدناميءَ کان واقف آهين. جيڪي بہ منهنجا دشمن آهن سي سڀ تنهنجي سامهون آهن. 20 مهڻن منهنجي دل ڀڃي وڌي آهي، ۽ آءٌ ڏاڍو غمگين ٿي پيو آهيان. مون واجھايو پئي تہ من ڪنهن کي ڪهل پوي، پر اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو. مون ڏٺو پئي تہ من ڪو مون کي دلاسو ڏئي، پر اهڙو ڪوبہ ڪونہ مليو. 21 هنن مون کي کائڻ جي لاءِ ٽُوهہ جو ڦل ڏنو هو، ۽ جڏهن آءٌ اڃايل هئس تہ مون کي سرڪو پيئاريو هئائون. 22 شل سندن پنهنجو ئي دسترخوان سندن لاءِ ڦندو ثابت ٿئي! شل انهن جون ئي مذهبي دعوتون سندن لاءِ ڄار ثابت ٿين! 23 شل سندن اکيون انڌيون ٿين، تانتہ هو ڏسي نہ سگھن! شل انهن جون چيلهيون سدائين ڪمزور رهن! 24 تون انهن جي مٿان پنهنجو سخت غضب نازل ڪر. شال اهي تنهنجي قهر وَ غضب سان بلڪل ئي وڪوڙجي وڃن! 25 شال سندن رهڻ جون جايون بلڪل اُجڙي وڃن! هائو، شال انهن جي گھرن ۾ ڪو جيئرو باقي نہ رهي! 26 ڇوجو هو تن کي ئي ستائين ٿا جن کي تو سزا ڏني آهي، ۽ تن جي ئي ڦٽن تي لوڻ ٿا ٻرڪن جن کي تو زخمي ڪيو آهي. 27 تون سندن ڪلهن تي ڏوهن مٿان ڏوهہ پيو چاڙهہ، ۽ سندن هڪڙو بہ ڏوهہ معاف نہ ڪر. 28 تون زندگيءَ واري ڪتاب منجھان سندن نالا مِٽائي ڇڏ، ۽ سندن نالا سچارن جي نالن سان گڏ داخل ٿيڻ نہ ڏي. 29 پر آءٌ ڏکويل ۽ غمگين آهيان. اي خدا! تون مون کي بچائي پنهنجي پناهہ ۾ رک. 30 آءٌ گيت ڳائيندي خدا جي نالي جي واکاڻ ڪندس، ۽ شڪرگذاريءَ سان انهيءَ جي تعظيم بيان ڪندس. 31 بيشڪ ڍورن ڍڳن جي قربانيءَ کان وڌيڪ سندس تعريف ڪرڻ بهتر آهي. هائو، جانورن جي قربانين کان وڌيڪ خداوند کي اهو ئي پسند آهي. 32 خدا جو بچائڻ ڏسي مظلوم خوشيون ڪندا، ۽ خدا جي طالبن جا حوصلا بلند ٿيندا. 33 انهيءَ سبب جو خداوند محتاجن جي ٻڌي ٿو، ۽ قيد ۾ پيل پنهنجي ماڻهن کي وساري نہ ٿو ڇڏي. 34 اي زمين وَ آسمان! اوهين انهيءَ جي واکاڻ ڪريو، ۽ اي سمنڊؤ! اوهين ۽ اوهان ۾ جو ڪجھہ گھمي ڦري ٿو، سي پڻ انهيءَ جي تعريف ڪريو. 35 انهيءَ سبب جو خدا صيئون کي بچائيندو، ۽ يهوداہ جا ٻيا شهر پنهنجي قوم لاءِ وري جوڙيندو. پوءِ خدا پنهنجي انهن ٻانهن کي پنهنجي ورثي ۾ ڏنل انهيءَ ملڪ ۾ رهائيندو. 36 سندن اولاد پڻ انهيءَ ملڪ جو وارث ٿيندو. هائو، خدا جي نالي سان محبت رکندڙ اهي منجھس پيا رهندا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society