زبور 68 - Muslim Sindhi Bibleخدا جي فاتحانہ آمد (استاد موسيقار لاءِ، دائود جي زبورن ۾ شامل، هڪ گيت) 1 شال خدا اُٿي کڙو ٿئي، ۽ پنهنجي دشمنن کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏي! جيڪي کانئس نفرت ٿا رکن، سي شل شڪست کائي سندس اڳيان ڀڄي وڃن! 2 جيئن دونهون اُڏامي وڃي ٿو تيئن شل هو کين اُڏائي ڇڏي! خدا آڏو بڇڙا شل ائين فنا ٿين جيئن ميڻ باهہ تي رجي وڃي ٿي. 3 پر سچار ڀلي خوشيون ڪن ۽ خدا جي حضور ۾ سرها ٿين. هائو، هو ڀلي خوشين وچان گدگد پيا ٿين. 4 خدا جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ سندس نالي جي تعريف ڪريو. جيڪو بادلن جو سوار آهي تنهن جو شان بيان ڪريو. جنهن جو نالو خداوند آهي تنهن جي حضور ۾ سرها ٿيو. 5 خدا، جيڪو پنهنجيءَ پاڪ جاءِ اندر رهي ٿو، سو يتيمن جو پيءُ ۽ رننزالن جو ڀرجھلو آهي. 6 خدا اڪيلن ماڻهن کي خاندانن وارو ڪري ٿو. هو قيدين کي ڇڏائي ٿو ۽ کين خوشحال ڪري ٿو، پر جيڪي فسادي ماڻهو آهن سي ٺوٺ زمين ۾ رهن ٿا. 7 اي خدا! جڏهن تون پنهنجي قوم جي اڳيان پئي هلئين، هائو، جڏهن تون انهن سان بيابان جي وچ مان لنگھيو هئين، 8 تڏهن ڌرتي ڌُڏي ويئي هئي ۽ تو آڏو آسمان وٺا هئا، هائو، تنهنجي سينا جبل تي ظاهر ٿيڻ سان، تو بني اسرائيل جي خدا جي آڏو. 9 تو پنهنجي ميراث واري ملڪ ۾ جھجھو مينهن وسايو هو. جڏهن ملڪ ٺوٺ ٿي رهيو هو، تڏهن تو انهيءَ کي تازگي بخشي هئي. 10 پوءِ تنهنجي قوم اچي انهيءَ ۾ رهڻ لڳي هئي. اي خدا! تو پنهنجيءَ مِهر سان غريبن جي ضرورتن کي پورو ڪيو هو. 11 پنهنجي ڌڻيءَ جي حڪم مطابق عورتن جي وڏي انبوہ هيءَ خوشخبري ٻڌائي پئي تہ 12 ”بادشاهہ پنهنجي لشڪرن سوڌا پوئتي هٽي ڀڄندا ٿا وڃن. هاڻ گھرن ۾ ويٺل عورتون سندن لٽ جو مال پيون ورهائين. 13 سو انهيءَ مان اوهان کي بہ ملندو، جيڪي لڪي وڃي رڍن جي واڙن ۾ ستا هئا. انهيءَ مال ۾ ڪبوترن جون مورتيون آهن، جن جا پر چانديءَ جا آهن، ۽ انهن جا کنڀ نج سون سان ڍڪيل آهن.“ 14 قادرِمطلق خدا بادشاهن کي ائين ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو، جيئن سلمون جبل تي هوا سان برف ڪري ٿي. 15 بسن جا جبل گھڻا وڏا جبل آهن، اهي جبل گھڻين چوٽين وارا آهن. 16 اي بسن جا اوچا پهاڙؤ! اوهين صيئون جبل کي ڇو ٽيڏيءَ اک سان ڏسو ٿا، جنهن کي خدا پنهنجي رهڻ جي لاءِ پسند ڪيو آهي؟ هائو، جنهن تي خداوند هميشہ هميشہ تائين رهندو. 17 خداوند پنهنجي بيشمار جنگي گاڏين سان، بلڪ هزارين لکين گاڏين سان، سينا جبل تان پنهنجي مقدس جاءِ ۾ آيو. 18 هو بلند جبل تي چڙهي آيو، ۽ قيدين کي ساڻ وٺي آيو. هن ماڻهن کان خراج ورتو آهي، بلڪ انهن فسادين کان بہ ورتو اٿائين، جن نہ ٿي چاهيو تہ خداوند خدا اُتي رهي. 19 بيشڪ پروردگار سڳورو آهي. اهو روز اسان جا بار کڻي ٿو، ۽ اهو ئي اسان جو ڇڏائيندڙ آهي. 20 اسان جو خدا بچائڻ وارو خدا آهي. هائو، موت کان بچائيندڙ رڳو خداوند خدا ئي آهي. 21 خدا پنهنجي دشمنن جو مٿو ڀڃي ڇڏيندو. هائو، جيڪي گناهہ ڪندا ٿا وتن تن جون هو کوپڙيون ڀڃندو. 22 ڌڻيءَ فرمايو آهي تہ ”اي بني اسرائيل! آءٌ انهن دشمنن کي اوچي جبل بسن تان بہ موٽائي ايندس، بلڪ سمنڊ جي اونهاين مان بہ وري موٽائي آڻيندس، 23 تانتہ اوهين انهن جي رت ۾ پير ٻوڙيندا هلو. هائو، اوهان جا ڪتا پڻ انهن دشمنن جو رت چٽيندا.“ 24 اي خدا! هر ڪو تنهنجي فاتحانہ آمد ڏسي پيو. هائو، سڀ ماڻهو تو منهنجي خدا، منهنجي بادشاهہ جي مقدس جاءِ ۾ آمد ڏسن پيا. 25 اڳيان اڳيان ڳائڻ وارا ۽ پٺيان پٺيان وڄائڻ وارا آهن، وچ ۾ ڪنواريون ڇوڪريون آهن جيڪي دڦ ٿيون وڄائين. 26 هو ڳائين ٿا تہ ”هيڪل جي وڏي گڏجاڻيءَ ۾ اوهين پنهنجي خدا کي سڳورو چئو. اوهين جيڪي يعقوب جو نسل آهيو، سي پنهنجي ڌڻيءَ کي سڳورو چئو.“ 27 بنيامين قبيلو جيڪو سڀني کان ننڍو آهي، سو انهن سڀني جي اڳواڻي ڪري ٿو. پوءِ يهوداہ جا اڳواڻ پنهنجي انبوہ سان، ۽ پوءِ زبولون ۽ نفتاليءَ جا اڳواڻ پڻ. 28 اي خدا! تون پنهنجي قدرت کي ظاهر ڪر. هائو، اي خدا! ساڳيءَ ئي قدرت، جنهن سان تو اسان جي مدد ڪئي هئي. 29 اها ئي قدرت تون هيڪل مان ظاهر ڪر، جيڪا يروشلم ۾ آهي، جتي بادشاهہ تنهنجي لاءِ نذرانا ٿا آڻين. 30 جيڪي وحشين جيان ڪانن وارن ٻوڙن ۾ رهن ٿا، ۽ انهن قومن جا اڳواڻ ۽ عام ماڻهو، جيڪي جھنگلي سانَهن ۽ انهن جي ٻچن جيان آهن، تن سڀني کي تون ڇينڀ ڪڍ، جيستائين اهي اچي تو کي سجدو نہ ڪن، ۽ تو آڏو چاندي پيش نہ ڪن. اهڙين قومن کي تون ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏ، جيڪي جنگ ڪرڻ ۾ خوش ٿين ٿيون. 31 هاڻ مصر ملڪ مان سفير نذرانا کڻي ايندا، ۽ سوڊان جا ماڻهو دعا لاءِ پنهنجا هٿ خدا آڏو ڊگھيريندا. 32 اي دنيا جون بادشاهتون! اوهين خدا جا گيت ڳايو، اوهين ڌڻيءَ جي واکاڻ جا گيت ڳايو. 33 هائو، انهيءَ جي واکاڻ ڳايو، جيڪو آسمانن تي سواري ڪري ٿو، انهن آسمانن تي جيڪي ازل کان قائم آهن. ڏسو، هو پنهنجو آواز ٻڌائي ٿو، جيڪو قدرت وارو آواز آهي. 34 اوهين خدا جي قدرت جو بيان ڪريو، جنهن جي بني اسرائيل جي ملڪ ۾ تعظيم ڪئي وڃي ٿي. سندس قدرت آسمانن مان ظاهر آهي. 35 اي خدا! تون پنهنجيءَ مقدس جاءِ ۾ ڪيڏو نہ هيبتناڪ آهين، اي بني اسرائيل جا خدا! تون پنهنجيءَ قوم کي زور ۽ طاقت بخشين ٿو. شال خدا سڳورو هجي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society