زبور 67 - Muslim Sindhi Bibleپيداوار لاءِ شڪرگذاري (استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي زبور تار وارن سازن تي ڳايو وڃي. هڪ گيت) 1 شال خدا اسان تي رحم ڪري ۽ اسان کي برڪت عطا ڪري! شال هو اسان تي پنهنجي ڪرم جي نظر فرمائي! 2 تانتہ سڄيءَ دنيا تي سندس واٽ پڌري ٿئي. هائو، جيئن سڀني قومن کي سندس ڇڏائڻ واري قدرت نظر اچي. 3 اي خدا! شل ماڻهو تنهنجي تعريف ڪندا رهن! هائو، شل سڀيئي ماڻهو تنهنجي واکاڻ ڪندا رهن! 4 شال قومون خوشيون ڪن ۽ سرهائيءَ جا گيت ڳائين! ڇوجو تون سچائيءَ سان ماڻهن جو انصاف ڪرين ٿو، ۽ ڌرتيءَ جي سڀني قومن جي رهنمائي ڪرين ٿو. 5 اي خدا! شل ماڻهو تنهنجي تعريف ڪندا رهن! هائو، شل سڀيئي ماڻهو تنهنجي واکاڻ ڪندا رهن! 6 زمين پنهنجي پيداوار وڌائي ڏني آهي. هائو، اسان جي خدا اسان کي برڪت عطا ڪئي آهي. 7 بيشڪ خدا ئي اسان کي برڪت ڏني آهي. شل سڄي ڌرتيءَ جا ماڻهو کيس تعظيم ڏين! |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society