زبور 66 - Muslim Sindhi Bibleواکاڻ ۽ شڪرگذاريءَ جو گيت (استاد موسيقار لاءِ زبور، هڪ گيت) 1 اي ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪؤ! خدا جي حضور ۾ خوشيءَ جو نعرو هڻو. 2 اوهين سندس نالي جي عظمت جا گيت ڳايو، هائو، اوهين سندس شاندار واکاڻ بيان ڪريو. 3 اوهين خدا کي هيئن چئو تہ ”تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ هيبتناڪ آهن، تنهنجي عظيم قدرت جي ڪري دشمن بہ اچي تنهنجي پيش ٿا پون. 4 سڄي ڌرتي تو کي سجدو ڪندي ۽ تنهنجا گيت ڳائيندي. هائو، اُهي تنهنجي نالي جا گيت پيا ڳائيندا.“ 5 اچو، اچي ڏسو تہ خدا ڇا ڇا ڪيو آهي. هو بني آدم جي وچ ۾ هيبتناڪ ڪم ٿو ڪري. 6 هن سمنڊ کي ڦيرائي سڪي زمين ڪري ڇڏيو هو، ۽ درياءَ کي پڻ، تہ جيئن اسان جا ابا ڏاڏا انهيءَ مان پيادل لنگھي وڃن. اچو تہ سندس انهن ڪمن جي ڪري اسين خوشيون ملهايون. 7 هو پنهنجيءَ قدرت سان هميشہ جي لاءِ حڪمران آهي. سندس اکيون قومن کي ڏسنديون ٿيون رهن، سو ڪوبہ خدا جي خلاف بغاوت نہ ڪري. 8 اي قومون! اسان جي خدا کي سڳورو چئو. اوهين بلند آواز ۾ سندس ساراهہ ڪريو. 9 هن اسان جي پيرن کي پاتال ۾ ڪرڻ کان بچايو آهي، هائو، هن اسان کي موت کان بچائي ورتو آهي. 10 بيشڪ اي خدا! تو اسان کي آزمائي ڇڏيو آهي، جيئن چانديءَ کي پرکبو آهي تيئن تو اسان کي پرکيو آهي. 11 تو اسان کي ڦندي ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو، ۽ اسان جي پٺيءَ تي ڳرو بار رکيو هو. 12 تو ئي اسان جي سرن مٿان دشمنن کي گذاريو هو. بلڪ اسين باهہ ۽ پاڻيءَ جهڙين مصيبتن مان بہ گذريا هئاسين. پر تو هاڻي اسان کي ڪڍي آباد هنڌ تي آندو آهي. 13 آءٌ تنهنجي گھر ۾ ساڙڻ واريون قربانيون کڻي ايندس، ۽ پنهنجيون باسون تو وٽ آڻي پوريون ڪندس، 14 هائو، اهي باسون جيڪي مصيبت جي وقت مون پنهنجي زبان سان باسيون هيون. 15 سو آءٌ گھٽن، ڍڳن ۽ ٻڪرن جون قربانيون تنهنجي لاءِ ساڙي پيش ڪندس. هائو، انهن ٿلهن متارن جانورن جون قربانيون، جن جي خوشبوءِ تنهنجي حضور اچي پهچي. 16 اوهين سڀ جيڪي خدا جو خوف ٿا رکو سي اچي ٻڌو، آءٌ اوهان کي ٻڌائيندس تہ هن مون لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي. 17 مون کيس وڏي آواز سان مدد جي لاءِ پڪاريو هو، ۽ پنهنجيءَ زبان سان سندس واکاڻ ڪئي هئم. 18 جيڪڏهن منهنجيءَ دل ۾ ڪابہ بڇڙائي سانڍيل هجي ها، تہ منهنجو رب منهنجي بلڪل ڪين ٻڌي ها. 19 مگر خدا سچ پچ منهنجي ٻڌي آهي، ۽ منهنجي دعا واري آواز تي ڌيان ڏنو اٿائين. 20 بيشڪ خدا سڳورو آهي، جنهن نہ تہ منهنجي دعا رد ڪئي آهي، ۽ نہ ئي وري مون تان پنهنجي دائمي شفقت هٽائي اٿائين. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society