زبور 65 - Muslim Sindhi Bibleواکاڻ ۽ شڪرگذاري (استاد موسيقار لاءِ هڪ گيت، دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خدا! صيئون ۾ تنهنجي واکاڻ ڪرڻ لازمي آهي، ۽ اهو بہ تہ تو وٽ باسيل باسون پوريون ڪيون وڃن. 2 اي دعائون قبول ڪرڻ وارا! سڄيءَ دنيا جا ماڻهو تو وٽ ايندا. 3 جڏهن اسان جا گناهہ اسان تي غالب ٿين ٿا، تڏهن تون ئي اهي معاف ڪرين ٿو. 4 سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جن کي تون چونڊي ويجھو ٿو آڻين، تانتہ اهي اچي تنهنجي بارگاهہ ۾ رهن. شال اسين تنهنجي گھر جي چڱين شين مان آسودا ٿيون، يعني مقدس هيڪل جون برڪتون ماڻيون. 5 تون سچائيءَ وارن هيبتناڪ معجزن جي وسيلي اسان جا عرض اگھائين ٿو. اي اسان جا بچائيندڙ خدا! تون سڄيءَ دنيا جو، بلڪ جيڪي سمنڊ کان پري رهن ٿا تن سڀني جو بہ آسرو آهين. 6 اي خدا! تون جيڪو پوريءَ طرح قادر آهين، سو جبلن کي پنهنجيءَ قدرت سان قائم رکين ٿو. 7 سمنڊن جي گجگوڙن کي ۽ انهن جي ڇولين جي شور کي، بلڪ قومن جي هنگامن کي بہ تون ئي سانت ڪرائين ٿو. 8 تنهنجي انهن معجزن کان ڌرتيءَ جا سڀ رهاڪو ڊڄن ٿا، ۽ اوڀر کان وٺي اولهہ تائين هو خوشيون ملهائين ٿا. 9 اي خدا! تنهنجو درياءُ ٽمٽار آهي. تون زمين تي مِهر جي نظر ڪري ان کي ريج ڏين ٿو، ۽ انهيءَ کي سرسبز ڪرين ٿو. انهيءَ ريت زمين کي تيار ڪري، تون ماڻهن لاءِ اناج مهيا ڪرين ٿو. 10 هر ڏيئي ٻج وڌل ٻنيءَ کي تون مينهن وسائي ريج ڏين ٿو. هائو، ائين ٻنيءَ کي نرم ڪري ان جي پيداوار ۾ تون برڪت وجھين ٿو. 11 تنهنجي ڀلائيءَ سان سڄي سال لاءِ جھجھو اناج ملي ٿو. جڏهن تون ڌرتيءَ تي قدم ڌرين ٿو تڏهن اڻمَئي پيداوار ملي ٿي. 12 تون سڀني چراگاهن ۾ جھجھي ساوڪ پيدا ڪرين ٿو، ائين ٿو لڳي جو ٽڪريون بہ خوشي ملهائين پيون. 13 انهن چراگاهن تي ڌڻن جا ڌڻ ڇانئجي ويا آهن، ۽ ماٿريون پڻ اناج سان ڍڪجي ويون آهن. هر شيءِ ڄڻ تہ نعرا هڻي خوشيءَ منجھان گيت پيئي ڳائي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society