Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 63 - Muslim Sindhi Bible


خدا لاءِ اُڪير
( دائود پنهنجو هي زبور ان وقت چيو جڏهن هو يهوداہ جي بيابان ۾ هو.)

1 اي خدا! تون منهنجو خدا آهين. آءٌ دل سان تنهنجو طالبو آهيان، انهيءَ خشڪ ۽ پياسي زمين جيان، جيڪا پاڻيءَ لاءِ سِڪندي هجي. منهنجي جان تنهنجي پياسي ۽ منهنجو بدن تو لاءِ مشتاق آهي.

2 ڪاش! آءٌ مقدس خيمي ۾ اچي تو لاءِ واجھايان، تان‌تہ آءٌ تنهنجي قدرت ۽ تنهنجو جلوو ڏسان.

3 بيشڪ تنهنجي دائمي شفقت مون لاءِ حياتيءَ کان بہ بهتر آهي. منهنجي زبان سدائين تنهنجي تعريف پيئي ڪندي.

4 جيستائين آءٌ جيئرو رهندس، تو کي سڳورو چوندو رهندس. تنهنجو نالو وٺي دعا لاءِ پنهنجا هٿڙا پيو کڻندس.

5 آءٌ مُرڪندڙ چپن سان تنهنجي واکاڻ پيو ڪندس، ائين آءٌ ڄڻ سڻڀا سڻڀا طعام کائي ڍءُ ڪندس.

6 آءٌ جڏهن بہ هنڌ تي سمهندس، تو کي ياد ڪندس. رات جي هر ڪنهن پهر ۾ تون ئي منهنجي سوچن ۾ هوندين،

7 ڇاڪاڻ تہ تون سدائين منهنجو مددگار رهيو آهين. تنهنجي پرن جي پاڇي ۾ آءٌ خوشيءَ وچان پيو ڳايان ٿو.

8 مون دل وَ جان سان تنهنجو دامن پڪڙيو آهي، ۽ تنهنجو زورآور هٿ مون کي سنڀالي ٿو.

9 پر جيڪي ماڻهو منهنجي جان وٺڻ ٿا گھرن، شال اهي سڀ پاتال منجھہ وڃي پون!

10 شال انهن کي تلوار جي حوالي ڪيو وڃي، ۽ سندن لاش بگھڙن جو کاڄ بڻجن!

11 خدا جي انهيءَ سوڀ ڏيڻ تي آءٌ بادشاهہ خوشيون ڪندس. بيشڪ جيڪو خدا جو قسم کڻي ٿو، سو سندس واکاڻ ڪندو، جڏهن تہ ڪوڙ ڳالهائڻ وارن جو وات بند ڪيو ويندو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan