Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 62 - Muslim Sindhi Bible


خدا تي توڪل
(استاد موسيقار يدوتون جي لاءِ، دائود جي زبورن ۾ شامل)

1 آءٌ رڳو خدا ۾ ئي صبر سان آس رکان ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي منهنجي حفاظت ڪري ٿو.

2 رڳو اهو ئي منهنجو محافظ ۽ منهنجو بچاءُ آهي. اهو ئي منهنجو قلعو آهي، سو مون کي ڪڏهن بہ لوڏو ڪونہ ايندو.

3 اي دشمنؤ! اوهين ڪيستائين مون جهڙي ماڻهوءَ کي مارڻ لاءِ گڏجي حملو ڪندا رهندا؟ هائو، آءٌ جيڪو ڳريل ڀت وانگر جھڪيل رهان ٿو، ۽ لڏندڙ ڪنڌيءَ جيان ڪمزور آهيان.

4 اوهين رڳو اهو ئي ٿا چاهيو، تہ جيئن مون کي مرتبي کان ڪيرايو. سو اوهين ڪوڙ ڳالهائڻ کي پسند ٿا ڪريو. اوهين زبان سان تہ دعا ڪريو ٿا پر دل ۾ لعنت ٿا ڪريو.

5 آءٌ رڳو خدا ۾ ئي صبر سان آس رکان ٿو، هائو، انهيءَ ۾ ئي منهنجي اميد آهي.

6 رڳو اهو ئي منهنجو محافظ ۽ منهنجو بچاءُ آهي. اهو ئي منهنجو قلعو آهي، سو مون کي ڪڏهن بہ لوڏو ڪونہ ايندو.

7 بيشڪ منهنجو بچاءُ، ۽ منهنجو شان وَ شوڪت خدا جي طرفان ئي آهي. اهو ئي منهنجو مضبوط محافظ آهي، هائو، خدا ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي.

8 اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين هر وقت انهيءَ تي ئي ڀروسو رکو. اوهين پنهنجي دل جون ڳالهيون خدا آڏو کولي رکو، هو ئي تہ اسان جي پناهہ آهي.

9 سڀيئي انسان پوءِ ادنيٰ هجن توڙي اعليٰ، سي بي‌بقا ۽ رڳو ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن. جيڪڏهن اهي تارازيءَ ۾ توريا وڃن تہ بلڪل ئي هلڪا نڪرن. هائو، اهي سڀ جو سڀ هڪ ڦوڪ کان بہ هلڪا آهن.

10 اوهين ظلم تي ڀروسو نہ رکو، ۽ نہ وري ڦرمار تي مغرور ٿيو. جيڪڏهن اوهان جي دولت وڌي بہ وڃي، تہ انهيءَ تي دارومدار نہ رکو.

11-12 خدا هڪڙي ڳالهہ فرمائي آهي تہ ”قدرت مون خدا جي آهي.“ پر ان کان علاوہ مون کانئس اهو بہ ٻڌو آهي تہ ”دائمي شفقت پڻ مون ڌڻيءَ کان ئي آهي.“ بيشڪ اي خدا! تون هر ڪنهن کي سندس عمل موجب ئي بدلو ڏين ٿو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan