زبور 61 - Muslim Sindhi Bibleجلاوطنيءَ ۾ پناهہ لاءِ دعا (استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي تار وارن سازن تي ڳايو وڃي. دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خدا! منهنجو فرياد ٻڌ، منهنجي دعا تي تون ڪن ڏي. 2 ڌرتيءَ جي ڇيڙي تي آءٌ ڏاڍو دلگير ٿي پيو آهيان، اتان آءٌ تو کي پڪاريان ٿو. تون مون کي انهيءَ مٿاهين ٽڪر تي پناهہ ڏي، جيڪو منهنجي پهچ کان مٿي آهي. 3 تون هڪ اهڙو مضبوط منارو آهين، جيڪو دشمن کان بچڻ جي لاءِ منهنجي پناهہ آهين. 4 ڪاش! آءٌ هميشہ تنهنجي مقدس هيڪل ۾ رهان، تہ جيئن مون کي تنهنجي پرن هيٺان پناهہ ملي. 5 اي خدا! تو منهنجيون باسون پوريون ڪيون آهن، ۽ مون کي انهن جي ميراث ۾ شريڪ ڪيو اٿيئي، جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن. 6 اي خدا! تون بادشاهہ جي حياتي وڌاءِ، ۽ سندس گھراڻي جي بادشاهي پيڙهي بہ پيڙهي قائم رک. 7 شال هو تنهنجي حفاظت ۾ سدائين تختنشين رهي! تون پنهنجي دائمي شفقت ۽ وفا سان انهيءَ جي حفاظت ڪر. 8 آءٌ هميشہ تنهنجي نالي جي واکاڻ پيو ڳائيندس، ۽ روزانو پيو پنهنجيون باسون پوريون ڪندس. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society