زبور 60 - Muslim Sindhi Bibleڇڏائڻ لاءِ دعا (استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي ”عهد وارو سوسن“ جي سُر تي ڳايو وڃي. دائود هي زبور تعليم ڏيڻ لاءِ ٺاهيو. هن پنهنجو هي اُڪريل زبور ان وقت چيو، جڏهن هن نهرائم ۽ ضوباہ ملڪن جي ارامين سان جنگ ڪئي ۽ سندس فوجي سپهہسالار يوآب موٽ کائي ڪلر واري ماٿريءَ ۾ ٻارهن هزار ادومين کي ماري ڇڏيو هو.) 1 اي خدا! تو اسان کي رد ڪيو آهي، ۽ تو ئي اسان کي هارائي ڇڏيو آهي. تون اسان سان ڪاوڙيو آهين، پر هاڻ اسان کي بحال ڪر. 2 تو ڌرتيءَ کي لوڏي ڇڏيو آهي، ۽ تو ئي ان کي چيري ڇڏيو آهي. پر هاڻ تون انهيءَ جا چير بند ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها سخت لوڏي ۾ آهي. 3 تو پنهنجيءَ هن قوم کي سختين جو منهن ڏيکاريو آهي. تو اسان کي ڄڻ تہ اهڙي مئي پيئاري آهي جيڪا ٿاٻڙائي ٿي. 4 جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن تن کي تو هڪڙو جھنڊو ڏنو آهي، تانتہ انهيءَ کي دشمنن جي تيرڪمانن آڏو کڙو ڪري ان هيٺان هو پناهہ وٺن. 5 تون اسان جي ٻڌ، ۽ پنهنجي زورآور هٿ سان اسان جي مدد ڪر، تانتہ اسين تنهنجا محبوب فتحياب ٿيون. 6 خدا پنهنجي مقدس ترين جاءِ مان واعدو فرمايو آهي تہ ”آءٌ فتحيابيءَ جي خوشيءَ وچان سڪم جي علائقي جا ڀاڱا ڀاڱا ڪندس، ۽ سڪات واري ماٿري پڻ پنهنجي قوم ۾ ورهائي ڇڏيندس. 7 جِلعاد جو علائقو منهنجو آهي ۽ منسي بہ منهنجو آهي، افرائيم منهنجو لوهي ٽوپ آهي، ۽ يهوداہ منهنجي شاهي لٺ آهي. 8 موآب جو ملڪ منهنجي هٿن ڌوئڻ جو ٿانءُ آهي، ادوم ملڪ تي آءٌ پنهنجي جُتي رکندس، ۽ فلستين جي ملڪ تي آءٌ فتح جو نعرو هڻندس.“ 9 اي خدا! ڪير مون کي ادوم ملڪ تائين پهچائيندو؟ ڪير مون کي ان جي ڪوٽ واري شهر ۾ وٺي ويندو؟ 10 اي خدا! ڇا اهو تون ئي نہ آهين، توڙي جو اسان کي رد ڪيو اٿيئي، ۽ اسان جي لشڪرن سان گڏ نہ ٿو هلين؟ 11 دشمنن جي مقابلي ۾ تون اسان جي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ انساني مدد بلڪل اجائي آهي. 12 خدا جي مدد سان اسين فتح جا جوهر ڏيکارينداسين، ڇوجو اهو ئي آهي جيڪو اسان جي دشمنن کي لتاڙيندو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society