Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 6 - Muslim Sindhi Bible


ڏکئي وقت ۾ مدد لاءِ دعا
(استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي تار وارن سازن تي هيٺاهين آواز سان ڳايو وڃي. دائود جي زبورن ۾ شامل)

1 اي خداوند! تون پنهنجي غضب سان مون کي ڇينڀ نہ ڪڍ، نڪي وري پنهنجي قهر وَ غضب سان مون کي ڪا سيکت ڏي.

2 اي خداوند! مون تي رحم ڪر، ڇوجو آءٌ هيڻو ٿي ويو آهيان. اي خداوند! مون کي چڱو ڀلو ڪر، ڇوجو منهنجي هڏين ۾ ڪو ست ناهي.

3 منهنجي جان بہ بلڪل بي‌چين ٿي ويئي آهي. سو اي خداوند! منهنجي مدد ڪرڻ واسطي تون مون کي ڪيستائين ترسائيندين؟

4 اي خداوند! مون تي مهر جي نظر ڪري منهنجي جان ڇڏاءِ. تون پنهنجي دائمي شفقت جي ڪري مون کي بچائي وٺ،

5 ڇاڪاڻ تہ موت جي دنيا ۾ ڪوبہ ناهي جيڪو تو کي ياد ڪري. هائو، برزخ جي اندر ڪير آهي جيڪو تنهنجي واکاڻ ڪري؟

6 آءٌ تہ آهون ڀري ڀري بلڪل ٿڪجي پيو آهيان. هر رات آءٌ ڳوڙها وهائيندي وهائيندي هنڌ آلو ڪري ٿو ڇڏيان.

7 رنج سبب روئندي روئندي منهنجيون اکيون بہ ويهجي ويون آهن. دشمنن جي رنجائڻ جي ڪري اُهي هيڻيون ٿي ويون آهن.

8 اي سمورا بدڪارؤ! اوهين مون کان ڀڄي پري ٿيو، ڇوجو خداوند منهنجي روئڻ جو آواز ٻڌي ورتو آهي.

9 خداوند منهنجو فرياد ٻڌي ورتو آهي. هائو، خداوند منهنجي دعا کي قبول فرمايو آهي.

10 منهنجا سڀ دشمن خوار خراب ٿيندا، ۽ کين ڏاڍي دهشت وٺي ويندي. اُهي پوئتي هٽي ويندا ۽ گھڙيءَ کن ۾ ذليل وَ خوار ٿيندا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan