Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 59 - Muslim Sindhi Bible


خونخوار دشمن کان بچاءَ لاءِ دعا
(استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي ”برباد نہ ڪر“ جي سُر تي ڳايو وڃي. دائود پنهنجو هي اُڪريل زبور ان وقت چيو، جڏهن سائول بادشاهہ سندس گھر جي چوڌاري پنهنجا ماڻهو بيهاري ڇڏيا هئا، انهيءَ لاءِ تہ اهي کيس قتل ڪري ڇڏين.)

1 اي منهنجا خدا! مون کي منهنجي دشمنن کان ڇڏاءِ. جيڪي منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن تن کان مون کي بچاءِ.

2 هائو، انهن بدڪارن کان مون کي ڇڏاءِ، ۽ انهن خونين کان تون مون کي بچاءِ.

3 ڏس، هو منهنجي جان وٺڻ لاءِ تاڙيو ويٺا آهن. اهي خونخوار ماڻهو منهنجي خلاف گڏ ٿيا آهن. اي خداوند! توڙي جو منهنجو ڪوبہ گناهہ يا خطا ناهي،

4 پوءِ بہ اهي مون بي‌قصور مٿان سنبريا ڪاهہ ڪيو ٿا اچن. اُٿي کڙو ٿيءُ اي خداوند! اچ، اچي منهنجي مدد ڪر.

5 اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! اي قادرِمطلق خدا! اُٿ، تون سڀني قومن کان حساب وٺ. تون ڪنهن بہ بدڪار دغاباز تي ڪو قياس نہ ڪر.

6 شام ٿيڻ تي اهي نڪري اچن ٿا، ۽ ڪتن وانگر پيا گُرڪن ٿا. اهي شهر ۾ هيڏي هوڏي شڪار لاءِ ناسون هڻندا وتن ٿا.

7 ڏس، اهي پنهنجي وات مان الٽيءَ جيان لفظ ٿا ڪڍن. هائو، انهن جي چپن منجھان تلوار جهڙا تکا لفظ ٿا نڪرن. هو ائين ٿا سمجھن تہ ”اسين جيڪي بہ ڪريون ٿا سو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.“

8 پر اي خداوند! تون انهن تي کلين ٿو. جيڪي بہ غير قومن وارا آهن تن تي تون ٺٺوليون پيو ڪرين.

9 اي منهنجي طاقت خدا! آءٌ تو ڏانهن ئي واجھايان ٿو، ڇاڪاڻ تہ اي خدا! تون ئي تہ منهنجي پناهہ آهين.

10 منهنجو خدا پنهنجي ٻاجھہ سان منهنجي سنڀال ڪندو. هو منهنجي دشمنن تي مون کي سوڀارو ڪري ڏيکاريندو.

11 اي اسان جا ڌڻي! اي اسان جا محافظ! انهن کي هڪدم قتل نہ ڪر، متان منهنجي قوم تو کي وساري ويهي. اٽلندو تون پنهنجيءَ قدرت سان انهن کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڪيرائي ڇڏ.

12 ڪوڙ ۽ پاراتن جي ڪري شال هو پنهنجي مغروريءَ ۾ پڪڙيا وڃن! شال اهي پنهنجي وات جي گناهہ ۽ زبان جي ڳالهين جي ڪري جھليا وڃن!

13 تون پنهنجي غضب سان کين فنا ڪري ڇڏ، اهڙو فنا ڪرين جو بلڪل نابود ٿي وڃن. پوءِ سڄي دنيا ڄاڻي وٺندي تہ بني اسرائيل تي تون خدا حڪمران آهين.

14 شام ٿيڻ تي اهي نڪري اچن ٿا، ۽ ڪتي وانگر پيا گُرڪن ٿا. اهي شهر ۾ هيڏي هوڏي شڪار لاءِ ناسون هڻندا وتن ٿا.

15 اهي انهن ڪتن جيان آهن، جيڪي کاڌي جي ڳولا ۾ هيڏي هوڏي ڀٽڪندا وتندا آهن. جيڪڏهن انهن جو ڍءُ نہ ٿيندو آهي، تہ پوءِ روڙون ڪندا وتندا آهن.

16 پر آءٌ تنهنجيءَ قدرت جا گيت پيو ڳائيندس. صبح جو ئي آءٌ وڏي آواز سان تنهنجي ٻاجھہ جا گيت ڳائيندس، ڇوجو منهنجي تڪليفن جي ڏينهن ۾ تون ئي تہ منهنجي پناهہ ۽ قلعو رهيو آهين.

17 اي منهنجي طاقت خدا! آءٌ تنهنجي تعريف ڳائيندس، ڇوجو اي خدا! تون ئي تہ منهنجي پناهہ آهين. تون ئي تہ مون تي دائمي شفقت ڪرڻ وارو آهين.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan