زبور 58 - Muslim Sindhi Bibleبدڪارن لاءِ سزا جي دعا (استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي ”برباد نہ ڪر“ جي سر تي ڳايو وڃي. دائود جي زبورن ۾ شامل، هڪ اُڪريل زبور) 1 ٻڌايو، اي حاڪمؤ! ڇا سچ پچ اوهين انصاف ڪريو ٿا؟ ٻڌايو، ڇا اوهين پنهنجي عوام جو صحيح فيصلو ڪريو ٿا؟ 2 نہ، اوهين تہ پنهنجيءَ دل ۾ بڇڙائي ٿا رٿيو، بلڪ پنهنجي هٿن سان ڌرتيءَ تي ظلم ٿا ورهايو. 3 بدڪار ماڻهو پنهنجي ماءُ جي پيٽان ئي گمراهہ ٿين ٿا. اهي تہ پنهنجي ڄمندي ئي ڪوڙ ڳالهائيندا وتن ٿا. 4 انهن جو زهر اهڙو آهي جهڙو نانگ جو زهر هجي. هو ٻوڙي کپر نانگ وانگر آهن جيڪو پنهنجا ڪن بند ٿو رکي، 5 تانتہ هو جوڳين جو آواز نہ ٻڌي، ۽ نہ ئي وري مانڊيءَ کي ٻُڌي توڙي اهو منڊ جا کيڏ ڪري. 6 اي خدا! تون انهن وحشي بگھڙن جي وات منجھہ ئي انهن جا ڏند ڀڃي ڇڏ. هائو، اي خداوند! تون انهن جون ڏاٺون ڀڃي ڀورا ڀورا ڪر. 7 شل تہ اهي بدڪار هاريل پاڻيءَ وانگر گم ٿي وڃن. جڏهن اهي پنهنجا تيرڪمان ڇڪين تڏهن سندن تير مڏا ٿين. 8 شل هو سڀ رجندڙ ميڻ وانگر رجي فنا ٿي وڃن، هائو، ڍُڪيءَ عورت جي ان ڪريل ٻار وانگر، جنهن سج صفا نہ ڏٺو هجي. 9 انهيءَ کان اڳ جو چاڙهيل ديڳڙن کي ڪنڊن جي باهہ جو تؤ اچي، تون بڇڙن کي واچوڙي سان اڏائي وڃ، پوءِ اهي ادنيٰ هجن توڙي اعليٰ. 10 سچار جڏهن اهو بدلو ڏسندا تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيندا، ۽ بدڪارن جي رت ۾ پنهنجا پير ٻوڙيندا. 11 تڏهن هر ڪو هيئن چوندو تہ ”بيشڪ سچارن لاءِ اجر آهي. يقيناً خدا آهي جيڪو دنيا ۾ انصاف ڪري ٿو.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society