زبور 57 - Muslim Sindhi Bibleمدد لاءِ دعا (استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي ”برباد نہ ڪر“ جي سُر تي ڳايو وڃي. دائود پنهنجو هي اُڪريل زبور ان وقت چيو، جڏهن هو سائول کان ڀڄي غار ۾ هليو ويو هو.) 1 رحم ڪر، اي خدا! مون تي رحم ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي ئي پناهہ وٺان ٿو. آءٌ تنهنجي پرن جي ڇانوَ هيٺ پناهہ ٿو وٺان، جيستائين مون تان آفتون ٽري نہ وڃن. 2 آءٌ خدا تعاليٰ کي پڪاريان ٿو، هائو، خدا کي جيڪو منهنجي لاءِ سڀ ڪجھہ ڪري ٿو. 3 هو عرش تان ورندي ڏئي مون کي بچائي وٺندو، ۽ انهن کي ملامت ڪندو جيڪي مون کي ايذائين ٿا. خدا پنهنجي وفا ۽ دائمي شفقت ضرور ڏيکاريندو. 4 آءٌ انهن وحشي بگھڙن جي وچ ۾ اچي ڦاٿو آهيان، جيڪي بني آدم کي حرص کان ڳڙڪائي ٿا وڃن. هنن جا ڏند تير ۽ ڀالا آهن ۽ سندن زبان تکي تلوار آهي. 5 اي خدا! شل تون عرش عظيم تي سرفراز رهين، شل تنهنجو جلال سڄي جهان تي ظاهر ٿئي. 6 منهنجي دشمنن مون کي ڦاسائڻ جي لاءِ ڄار پکيڙيو آهي، جنهن ڪري مون کي بيوس ڪري ڇڏيو اٿائون. پر جيڪا کڏ هنن منهنجي راهہ ۾ کوٽي آهي، تنهن ۾ هو پاڻ وڃي ڪريا آهن. 7 اي خدا! منهنجو تو تي ڀروسو آهي، هائو، اهڙو ڀروسو جيڪو ڪڏهن بہ ختم ٿي نہ سگھي. سو آءٌ گيت ڳائي تنهنجي واکاڻ ڪندس. 8 آءٌ ننڊ مان اُٿي کڙو ٿيندس، ۽ پنهنجي سارنگي ۽ دنبوري کي بہ جاڳائيندس. هائو، آءٌ پرهہ ڦٽيءَ جو اُٿي تنهنجا گيت ڳائيندس. 9 اي منهنجا ڌڻي! آءٌ ماڻهن آڏو تنهنجو شڪرانو ڪندس. هائو، آءٌ قومن ۾ گيت ڳائي تنهنجي واکاڻ ڪندس، 10 ڇاڪاڻ تہ تنهنجو رحم آسمانن تائين ٽمٽار آهي. بيشڪ تنهنجي وفا عظيم آهي، جيڪا بادلن تائين ڀريل آهي. 11 اي خدا! شل تون عرش عظيم تي سرفراز رهين، شل تنهنجو جلال سڄي جهان تي ظاهر ٿئي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society