زبور 56 - Muslim Sindhi Bibleخدا تي توڪل (استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي ”ڏورانهن شاهہبلوط وڻن تي ڳيرو“ جي سُر تي ڳايو وڃي. دائود پنهنجو هي اُڪريل زبور تڏهن چيو جڏهن فلستين کيس جات شهر ۾ گرفتار ڪيو هو.) 1 اي خدا! مون تي رحم ڪر، ڇوجو منهنجا مخالف مون کي ايذائين ٿا. اهي هر وقت وڙهندي مون کي ستائين ٿا. 2 هائو، منهنجا دشمن هر وقت مون کي ايذائيندا رهن ٿا. اهي تمام گھڻا آهن جيڪي مون سان وڙهن ٿا. 3 اي قادرِمطلق خدا! جڏهن مون کي ڊپ ٿيندو، تڏهن منهنجي توڪل تو تي ئي رهندي. 4 خدا جنهن جي واعدي تي مون کي فخر آهي، تنهن تي ئي منهنجي توڪل آهي سو آءٌ بلڪل نہ ڊڄندس. انسان جيڪو فاني آهي سو مون کي ڇا ڪري سگھندو؟ 5 منهنجا دشمن سڄو ڏينهن منهنجي لفظن جي ابتي معنيٰ ڪڍن ٿا. هنن جو سڄو خيال منهنجي خلاف بڇڙائي ڪرڻ ڏانهن آهي. 6 اهي گڏجي ڇپي ٿا ويهن ۽ مون کي تاڙين ٿا. هو منهنجي ساهہ ڪڍڻ جي انتظار ۾ آهن. 7 پوءِ ڇا اهڙي بڇڙائي ڪرڻ جي باوجود هو ڇٽي ويندا؟ اي خدا! تون پنهنجي غضب سان انهن قومن کي ڪيرائي ڇڏ. 8 تون منهنجي ڏکن کي ڄاڻين ٿو. منهنجا لڙڪ تنهنجي سانداريءَ ۾ جمع ٿيل آهن. ڇا منهنجا اهي لڙڪ تنهنجي دفتر ۾ داخل ڪين آهن؟ 9 آءٌ جڏهن تو کي پڪاريندس تہ منهنجا دشمن پوئتي هٽي ويندا. انهيءَ مان مون کي يقين ٿيندو تہ تون خدا منهنجي پاسي آهين. 10 خداوند خدا جنهن جي واعدي تي مون کي فخر آهي، 11 تنهن تي ئي منهنجي توڪل آهي سو آءٌ بلڪل نہ ڊڄندس. انسان جيڪو فاني آهي سو مون کي ڇا ڪري سگھندو؟ 12 اي خدا! جيڪي باسون مون تو وٽ باسيون هيون، سي آءٌ تنهنجي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جي قربانين طور پيش ڪندس. 13 انهيءَ سبب جو تو منهنجي پيرن کي پاتال ۾ ڪرڻ کان بچايو آهي، هائو، تو مون کي موت کان ڇڏايو آهي، تانتہ آءٌ تنهنجي حضور ۾ جيئرن جي روشن دنيا ۾ هلان. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society