زبور 55 - Muslim Sindhi Bibleدوست کان دغا کاڌل ماڻهوءَ جي دعا (استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي تار وارن سازن تي ڳايو وڃي. دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خدا! تون منهنجي دعا تي ڪن ڏي، منهنجي منٿ کان منهن نہ موڙ. 2 تون مون ڏانهن ڌيان ڏي ۽ منهنجي مدد ڪر. آءٌ غم سهندي سهندي بيقرار ٿي ڪنجھان پيو. 3 دشمنن جي دڙڪن، بلڪ انهن بدڪارن جي ظلم ڪري آءٌ پريشان آهيان. هو مون کي تڪليف ٿا ڏين ۽ ڪاوڙ ڪندي ڌڪارين ٿا. 4 منهنجي دل بيحد پريشان ٿي رهي، بلڪ موت جي دهشت مون کي وڪوڙي ڇڏيو آهي. 5 مون تي خوف اچي پيو آهي ۽ ڏڪڻي وٺي ويئي اٿم. هيبت اچي مون تي غالب پيئي آهي. 6 ڪاش! مون کي ڪبوتر وانگر پر هجن ها، پوءِ جيڪر آءٌ پري اڏامي وڃي سڪون سان رهان ها. 7 يقيناً آءٌ گھڻو پري نڪري وڃان ها، ۽ بيابان ۾ پنهنجو گھر ڪري وڃي رهان ها. 8 هائو، آءٌ انهن سخت آنڌين ۽ طوفانن کان، جلدي ڀڄي وڃي ڪنهن جاءِ تي پناهہ وٺان ها. 9 اي منهنجا ڌڻي! منهنجي دشمنن ۾ ڦوٽ پيدا ڪر، ۽ سندن ٻوليءَ ۾ رولو وِجھہ. آءٌ شهر ۾ ڏاڍو ظلم وَ فساد ٿو ڏسان، 10 جيڪي ڏينهن رات شهر جي ڀتين تي ڄڻ گشت ڪن ٿا. شهر جي اندر بڇڙائي ۽ شرارت موجود آهي. 11 هائو، شهر ۾ هر هنڌ بدڪاري ٿي وسي. انهيءَ جي چونڪن تي ظلم ۽ دغا جاري آهي. 12 جيڪڏهن منهنجو ڪو دشمن مون کي طعنا هڻي ها، تہ هوند آءٌ اهي بہ برداشت ڪري وڃان ها. جيڪڏهن منهنجو ڪو مخالف مون سان ڪا گستاخي ڪري ها، تڏهن بہ جيڪر آءٌ انهيءَ کان پاڻ کي لڪائي ڇڏيان ها. 13 پر اي دوست! اهو سڀ ڪرڻ وارو تون ئي تہ هئين، جيڪو منهنجو رفيق هئين. هائو، تون ئي جيڪو منهنجو سنگتي ۽ گَهرو دوست هئين. 14 اسين ٻيئي ڄڻا پاڻ ۾ مٺڙيون ڳالهيون ڪندا هئاسين. اسين عبادت ڪرڻ وارن سان گڏجي خدا جي گھر ۾ هلندا هئاسين. 15 شل دشمنن تي اوچتو موت اچي پوي، بلڪ اهي جيئري ئي وڃي پاتال ۾ پون، ڇوجو سندن گھرن ۾ بلڪ سندن دلين ۾ بڇڙائي آهي. 16 پر آءٌ مدد جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کي پڪاريندس، ۽ اهو ئي مون کي بچائيندو. 17 آءٌ صبح، منجھند توڙي سانجھيءَ فرياد پيو ڪندس، آهون ڀريندس ۽ دانهون پيو ڪندس، ۽ هو منهنجو آواز ضرور ٻڌندو. 18 منهنجا مخالف تمام گھڻا آهن، جيڪي مون سان جنگ ڪن ٿا. انهن کان هو ئي منهنجي جان سلامتيءَ سان ڇڏائيندو. 19 خدا، جيڪو ازل کان تختنشين آهي، سو ضرور منهنجي ٻڌندو ۽ انهن کي خوار خراب ڪندو، ڇوجو اهي نڪي سڌرن ٿا ۽ نہ ئي وري خدا کان ڊڄن ٿا. 20 منهنجو دوست جيڪو اڳ منهنجو ساٿي هو، تنهن ئي اسان رفيقن تي پنهنجو هٿ کنيو آهي. هن پنهنجي ڪيل عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. 21 سندس ڳالهيون مکڻ وانگر ملائم هيون، پر سندس دل ۾ جنگ هئي. هن جون ڳالهيون تيل کان بہ سڻڀيون هيون، پر اگھاڙي تلوار وانگر هيون. 22 اي خدا! اسين پنهنجيون تڪليفون تو آڏو ٿا رکون. تون خداوند ئي اسان جي سنڀال ڪندين، ۽ ڪنهن بہ سچار کي ڪڏهن لوڏو کائڻ نہ ڏيندين. 23 پر تون بڇڙن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين، تانتہ خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ عمر تائين بہ جيئرا نہ رهن. باقي اي خدا! منهنجي توڪل تو تي ئي آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society