زبور 54 - Muslim Sindhi Bibleدشمنن کان بچاءَ جي دعا (استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي تار وارن سازن تي ڳايو وڃي. جڏهن زيف شهر وارن وڃي سائول بادشاهہ کي ٻڌايو هو تہ ” دائود اسان وٽ لڪل آهي،“ تڏهن دائود پنهنجي بچاءَ لاءِ زبور ٺاهي هيءَ دعا گھري.) 1 اي خدا! تون پنهنجي جلال کي ظاهر ڪري مون کي بچاءِ. هائو، پنهنجيءَ قدرت سان تون منهنجو انصاف ڪر. 2 اي خدا! تون منهنجي دعا ٻڌ، منهنجي زبان جي ڳالهين ڏانهن ڪن ڏي، 3 ڇاڪاڻ تہ ڪي ڌاريا ماڻهو منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن. هائو، بيترس ماڻهو منهنجي جان جي پٺيان پيا آهن. اهي تو خدا جو بہ ڪو لحاظ ڪونہ ٿا رکن. 4 برحق، خدا ئي منهنجو مددگار آهي. منهنجو ڌڻي ئي منهنجيءَ جان جو محافظ آهي. 5 شال هو منهنجي دشمنن تي سندن بڇڙائي موٽائي آڻي! شال هو مون سان وفا ڪندي کين برباد ڪري ڇڏي! 6 اي خداوند! آءٌ تنهنجي حضور خوشيءَ جي قرباني پيش ڪندس. آءٌ تنهنجي نالي جو شڪرانو بجا آڻيندس، ڇوجو تون ڀلو آهين. 7 بيشڪ تو مون کي هر تڪليف کان ڇڏايو آهي، ۽ منهنجي اکين مون کي پنهنجي دشمنن تي سوڀارو ڏٺو آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society