زبور 50 - Muslim Sindhi Bibleحقيقي عبادت (آسف جي زبورن ۾ شامل) 1 خداوند، قادرِمطلق خدا، سڄيءَ دنيا وارن کي سڏايو آهي. هائو، هن اوڀر کان اولهہ تائين سڄيءَ دنيا کي گھرايو آهي. 2 صيئون جيڪو پنهنجي سونهن ۾ ڪامل آهي، تنهن مان خدا جو جلوو ظاهر ٿيو آهي. 3 اسان جو خدا اچي ٿو، هو ماٺ ڪري ڪين ويهندو. هن جي اڳيان ڀسم ڪندڙ باهہ آهي ۽ چوگرد وڏو طوفان اٿس. 4 هو آسمانن ۽ زمين کي پنهنجي حضور ۾ سڏي ٿو، تہ جيئن اهي سندس قوم جي فيصلي ڪرڻ وقت حاضر هجن. 5 هو فرمائي ٿو تہ ”منهنجي وفادار بندن کي مون وٽ آڻي گڏ ڪريو، جن قرباني پيش ڪندي مون سان پنهنجو عهد ٻڌو آهي.“ 6 آسمان خدا جي سچائيءَ کي بيان ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ خدا پاڻ ئي انصاف ڪندڙ آهي. 7 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! ٻڌ، آءٌ ڳالهائيندس. هائو، اي بني اسرائيل وارؤ! ٻڌو، آءٌ اوهان تي شاهدي ڏيندس. آءٌ ئي خدا، هائو، اوهان جو خدا آهيان. 8 آءٌ اوهان کي اوهان جي قربانين بابت ڏوراپو ڪين ٿو ڏيان، ڇوجو اوهان جون ساڙڻ واريون قربانيون هميشہ منهنجي سامهون آهن. 9 مگر اوهان جي گھر جو ڪوبہ ڍڳو مون کي نہ ٿو گھرجي، نڪي وري اوهان جي واڙن مان ڪنهن ٻڪر جي ضرورت اٿم. 10 جھنگ جا سمورا جانور منهنجا آهن، ۽ هزارين ٽڪرين جا جاندار منهنجا ئي آهن. 11 جبلن جا جيڪي بہ پکي آهن سي سڀيئي منهنجا آهن، ۽ ميدانن جا سڀيئي حيوان پڻ منهنجا آهن. 12 توڙي جو آءٌ بکايل هجان ها تہ بہ اوهان کي ڪين ٻڌايان ها، ڇاڪاڻ تہ هيءَ دنيا توڙي منجھس جيڪي ڪجھہ بہ آهي، سو سڀ منهنجو ئي آهي. 13 اوهين مون کي ٻڌايو تہ آءٌ ڪو وهڙن جو گوشت کائيندس ڇا؟ يا وري ٻَڪَرن جو رت پيئندس ڇا؟ 14 مون آڏو قربانيءَ طور اوهين شڪرگذاري پيش ڪريو. مون خدا تعاليٰ آڏو اوهين پنهنجيون باسون پوريون ڪريو. 15 اوهين مصيبت جي ڏينهن تي مون کي پڪارجو، آءٌ ئي اوهان کي ڇڏائيندس تڏهن اوهين منهنجي واکاڻ ڪندا.“ 16 پر خدا بدڪار ماڻهن کي هيئن ٿو فرمائي تہ ”اوهان کي ڪهڙو حق آهي جو منهنجا قانون ٿا بيان ڪريو؟ اوهين منهنجي عهد کي پنهنجي زبان تي ڇو ٿا آڻيو؟ 17 جڏهن تہ اوهان کي منهنجي تربيت کان نفرت آهي، ۽ اوهين منهنجا حڪم پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو. 18 اوهين جڏهن ڪو چور ٿا ڏسو تہ انهيءَ جا ساٿي بڻجي ٿا وڃو، ۽ زنا ڪندڙن جا اوهين حامي ٿا بڻجي وڃو. 19 اوهان جي واتان هر وقت بڇڙائي ٿي نڪري. اوهان جي زبان ٺڳيءَ جا منصوبا پيئي ٿي رٿي. 20 اوهين پنهنجي ئي قوم جي ڀاءُڀيڻ جي خلاف ويهي ڳالهايو ٿا، بلڪ اوهين تہ پنهنجي ماءُ ڄائين جي بہ گلا ڪندا ٿا وتو. 21 اوهان اهي ئي ڪم پئي ڪيا تہ بہ آءٌ ماٺ رهيس، سو اوهان ڀانئيو تہ آءٌ اوهان جهڙو ئي آهيان. هاڻ آءٌ اوهان کي تنبيهہ ڪري اوهان جا ڪم اوهان آڏو آڻيندس. 22 اي اوهين! جيڪي مون خدا کي وساريو ٿا، سي هڪ ڳالهہ تي غور ڪريو، نہ تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ اوهان کي چيري ڦاڙي ڇڏيان، ۽ اوهان کي ڪو ڇڏائڻ وارو بہ نہ هجي. اها ڳالهہ هيءَ آهي تہ 23 جيڪي قربانيءَ طور منهنجي شڪرگذاري ٿا ڪن، سي ئي منهنجي تعظيم ٿا ڪن. جيڪي پنهنجيءَ چال کي ٺيڪ ٿا رکن، تن کي آءٌ پنهنجي ڇڏائڻ واري طاقت ڏيکاريندس.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society