Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 5 - Muslim Sindhi Bible


خدا جي پناهہ لاءِ صبح جي دعا
(استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي بانسرين سان ڳايو وڃي. دائود جي زبورن ۾ شامل)

1 اي خداوند! منهنجي لفظن تي ڌيان ڏي، منهنجي آهُن تي توجھہ ڏي.

2 اي خدا! اي منهنجا بادشاهہ! منهنجو فرياد ڀريو آواز ٻُڌ. اي خداوند! آءٌ تو کي ئي عرض ٿو ڪريان.

3 هر صبح جو منهنجو آواز تو تائين پهچي ٿو. هائو، صبح جو ئي تو آڏو فرياد رکي آءٌ تنهنجي جواب جو انتظار ٿو ڪريان.

4 بيشڪ تون اهڙو خدا آهين، جيڪو بڇڙائيءَ کان خوش نہ ٿيندو آهين، بلڪ بدڪار تہ تنهنجي ويجھو بہ ڪين ٿا رهي سگھن.

5 تنهنجي اڳيان ڪي‌بہ هٺيلا بيهي نہ ٿا سگھن. بيشڪ تو کي سڀني بدڪارن کان ڏاڍي نفرت آهي.

6 تون انهن سڀني کي برباد ڪندين، جيڪي ڪوڙ ڳالهائين ٿا. تو خداوند کي خونيءَ ۽ دغاباز کان سخت نفرت آهي.

7 پر تنهنجي دائمي شفقت جي ڪري آءٌ تنهنجي گھر ۾ داخل ٿيندس. آءٌ تنهنجي تعظيم ڪندي تنهنجي مقدس هيڪل ڏانهن منهن ڪري سجدو ڪندس.

8 اي خداوند! منهنجا دشمن گھڻا ٿي ويا آهن، تنهنڪري منهنجي رهنمائي ڪر. مون کي پنهنجي سچائيءَ جي راهہ ڏيکار، جنهن تي آءٌ سڌو هلندو اچان.

9 بيشڪ منهنجي دشمنن جي وات ۾ ڪابہ سچائي ڪانهي. هو دل ۾ رڳو تباهي ٿا رکن. هو پنهنجي زبان سان خوشامند ڪن ٿا، پر سندن وات مان نڪتل ڳالهيون ٻين لاءِ موت آهن.

10 اي خدا! تون انهن کي ڏوهي قرار ڏي. شل هو پنهنجين ئي سازشن سان برباد ٿين! تون انهن کي سندن گھڻن گناهن جي ڪري ڌڪي ڪڍي ڇڏ، ڇوجو هنن تنهنجي اڳيان سرڪشي پئي ڪئي آهي.

11 پر جيڪي تو وٽ پناهہ ٿا وٺن، سي سڀيئي شل شادمان ٿين! اهي سدائين خوشيءَ وچان گيت پيا ڳائيندا وتن. تون انهن کي بچاءِ تہ هو تو سان گڏ شادمان رهن، هائو، اهي ئي جيڪي تنهنجي نالي سان پيار ٿا ڪن.

12 اي خداوند! سچارن کي تون ئي برڪتون عطا ڪندين. تون پنهنجيءَ ٻاجھہ سان ڍال وانگر سندن بچاءُ ڪندين.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan