Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 49 - Muslim Sindhi Bible


دنياوي دولت هڪ فريب آهي
(استاد موسيقار لاءِ، بني قورح جي زبورن ۾ شامل)

1 اي سموريون قومون! اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اي دنيا جا سڀيئي رهاڪؤ! اوهين مون ڏانهن ڪن ڏيو.

2 اوهين جيڪي اعليٰ توڙي ادنيٰ آهيو، اوهين جيڪي امير توڙي غريب آهيو، سڀيئي گڏجي منهنجي ڳالهہ ٻڌو.

3 منهنجي زبان مان جيڪا ڳالهہ نڪرندي، سا دانائيءَ واري هوندي. منهنجي دل جو جيڪو خيال نڪرندو سو سمجھہ ڀريو هوندو.

4 هاڻ آءٌ هڪڙي ڏاهپ واري چوڻيءَ تي غور ڪندس، ۽ سُرندو وڄائيندي آءٌ انهيءَ جي حڪمت جو بيان ڪندس.

5 جڏهن دشمنن جي بڇڙائي منهنجو گھيرو ڪري وڃي، تڏهن آءٌ پنهنجي انهيءَ مصيبت جي ڏينهن ۾ ڇو ڊڄان؟

6 جيڪي پنهنجيءَ دولت تي ڀروسو رکن ٿا، ۽ جيڪي پنهنجي جھجھي مال ملڪيت تي ڪُڏن ٿا،

7 تن مان ڪنهن کي بہ طاقت ناهي جو پنهنجو پاڻ کي ڇڏائي سگھي، ۽ نہ وري کيس اها طاقت آهي جو خدا کي پنهنجو عيوضو ڏيئي سگھي.

8 جيئن تہ هن جي جان جو عيوضو ڏاڍو مهانگو آهي، سو هو ايترو ڏيئي ڪين سگھندو جو

9 سدائين جيئرو رهي ۽ ڪڏهن بہ قبر جو منهن نہ ڏسي.

10 جڏهن تہ هو ڏسي ٿو تہ نہ رڳو جاهل ۽ بي‌وقوف ئي فنا ٿيو ٿا وڃن، بلڪ جيڪي داناءَ آهن سي بہ مريو ٿا وڃن، ۽ هر ڪو پنهنجي دولت ٻين جي لاءِ ڇڏيو ٿو وڃي.

11 دنيا جهان جي آخر تائين قبرون ئي انهن جا گھر هوندا، بلڪ اهي پيڙهي بہ پيڙهي انهن منجھہ رهندا، جيتوڻيڪ ڪنهن وقت هو زمينن جا مالڪ هئا.

12 بيشڪ انسان کي سندس دولت موت کان بچائي نہ ٿي سگھي. هو حيوان جيان آهي جيڪو فنا ٿيو وڃي.

13 جن ماڻهن جو پنهنجو پاڻ تي ئي ڀروسو آهي، هائو، جيڪي پنهنجي خوشحاليءَ تي خوش ٿا ٿين، تن جو انجام موت ئي موت آهي.

14 جيئن رڍون ڪسڻ لاءِ مقرر ٿيل آهن، تيئن اهي قبر ۾ وڃي پوندا. هائو، موت اچي تن جو ڌنار ٿيندو ۽ سچار مٿن اچي غالب ٿيندا. انهن جو جسم هڪدم زائل ٿي ويندو ۽ پاتال سندن ٺڪاڻو ٿيندو.

15 مگر خداوند مون کي پاڻ وٽ قبول ڪندو، ۽ قبر جي پڪڙ کان ڇڏائيندو.

16 توڙي جو ڪي ماڻهو دولتمند ٿي وڃن، يا سندن گھر جو شان وڌي وڃي، تڏهن بہ اوهين ساڻن ريس نہ ڪجو،

17 ڇاڪاڻ تہ جڏهن اهي مرندا، تڏهن پاڻ سان ڪجھہ بہ کڻي نہ ويندا. انهن جو شان ۽ شوڪت بہ ساڻن گڏ ڪين ويندو.

18 ڀلي تہ اهي پنهنجي جيئري پاڻ کي سڀاڳا چوندا رهيا هجن، ۽ ماڻهو بہ سندن ساراهہ ڪندي چوندا هجن تہ ”واہ! اوهان وڏي ڪاميابي ماڻي آهي.“

19 تڏهن بہ اهي پنهنجن ابن ڏاڏن جي ٽولي سان وڃي گڏبا، ۽ وري ڪڏهن بہ حياتيءَ جو سوجھرو نہ ڏسندا.

20 بيشڪ انسان کي سندس دولت موت کان بچائي نہ ٿي سگھي. هو حيوان جيان آهي جيڪو فنا ٿيو وڃي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan