زبور 48 - Muslim Sindhi Bibleخدا جو شهر صيئون (هڪ گيت، بني قورح جي زبورن ۾ شامل) 1 خداوند عظيم ۽ وڏيءَ ساراهہ جي لائق آهي. اسان جي خدا جو شهر، جيڪو سندس مقدس جبل تي آهي، 2 سو انهيءَ عظيم بادشاهہ جو شهر آهي. بلڪ صيئون جبل ئي خدا جو گھر آهي. اهو جبل بلنديءَ ۾ خوشنما، ۽ سڄي ڌرتيءَ جي خوشيءَ جو باعث آهي. 3 انهيءَ شهر جي ڪوٽن اندر، خدا پاڻ کي جاءِپناهہ ثابت ڪيو آهي. 4 ياد ڪريو تہ قومن جا بادشاهہ اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيا هئا، ۽ صيئون جبل تي حملي ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيا هئا. 5 پر پوءِ خدا جي قدرت جو ڏٺائون تہ کين ڏاڍي حيرت وٺي ويئي. کين اهڙي دهشت وٺي ويئي جو سڀيئي اتان وٺي ڀڳا. 6 اتي جو اتي کين ڏڪڻيءَ اچي ورتو، ۽ کين اهڙا سور اچي لڳا، جهڙا ڪنهن ويم واري عورت کي لڳندا آهن. 7 بيشڪ خدا اوڀر وارو اهڙو خوفناڪ طوفان آهي، جيڪو ترسيس جي عظيم سامونڊي جهازن کي بہ ڀڃيو ڇڏي. 8 قادرِمطلق خداوند جي شهر ۾ جهڙا عجيب ڪم اسان ٻڌا هئا، تهڙا ئي عجيب ڪم اتي اسان کي ڏسڻ ۾ آيا. بيشڪ خدا انهيءَ شهر کي هميشہ تائين قائم رکندو. 9 اي خدا! تنهنجي هيڪل جي اندر اچي اسان تنهنجي دائمي شفقت تي غور ڪيو آهي. 10 اي خدا! جهڙو تنهنجو نالو آهي، تهڙي ئي تنهنجي تعريف سڄيءَ دنيا ۾ پيئي ٿئي. تنهنجو زورآور هٿ سچي عدل سان ڀرپور آهي. 11 سو تنهنجي صحيح فيصلن جي ڪري، شل تہ صيئون وارا خوشيون ڪن، بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن وارا خوش ٿين. 12 اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين صيئون جو طواف ڪريو، انهيءَ جي آسپاس گھمو ڦرو، ۽ انهيءَ جي منارن کي بہ ڳڻي ڏسو. 13 اوهين ان جي ڪوٽ جي ڀتين کي جاچي ڏسو، ۽ انهيءَ جي محلاتن تي غور ڪريو، تانتہ اوهين پنهنجي ايندڙ پيڙهين کي ٻڌائي سگھو تہ 14 ”خدا هميشہ هميشہ تائين اسان جو خدا آهي، اهو ئي دنيا جي آخر تائين اسان جو هادي رهندو.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society