Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 47 - Muslim Sindhi Bible


حاڪمِ اعليٰ
(استاد موسيقار لاءِ، بني قورح جي زبورن ۾ شامل)

1 اي سموريون قومون! اوهين خوشيءَ مان تاڙيون وڄايو. اوهين وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ ڳايو،

2 ڇاڪاڻ تہ خداوند تعاليٰ ئي سڄيءَ دنيا جو حاڪمِ اعليٰ آهي. قومن کي گھرجي تہ اهي کانئس ڊڄن.

3 بيشڪ هن ئي قومن کي اسان جي تابع ڪيو آهي. هائو، هن انهن کي اسان جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيو آهي.

4 هن اسان جي لاءِ اسان جو ورثي وارو ملڪ چونڊي ڪڍيو آهي، جيڪو بني اسرائيل جو فخر آهي، جن سان هو پيار ٿو ڪري.

5 خداوند خدا مٿي عرش تي پنهنجي تخت تي چڙهي ٿو، خوشيءَ جا نعرا لڳن ٿا ۽ نفيلون وڄايون وڃن ٿيون.

6-7 خدا سڄيءَ دنيا جو بادشاهہ آهي، سو سندس تعريف ڳايو، هائو، سندس واکاڻ ڳايو. اوهين پنهنجي انهيءَ بادشاهہ جي تعريف ڳايو، هائو، سندس واکاڻ ڳايو. اوهين گيتن ڳائڻ سان خدا جي واکاڻ ڪريو.

8 خدا قومن مٿان حڪومت ڪري ٿو، هو پنهنجي پاڪ تخت تي ويٺو آهي.

9 جيئن تہ دنيا جا سڀيئي حاڪم خدا جا آهن، سو قومن جا سمورا سردار اچي گڏ ٿيا آهن، تان‌تہ هو ابراهيم جي خدا جي قوم سان گڏ ٿين. بيشڪ خدا ئي دنيا جي سڀني حاڪمن جو حاڪمِ اعليٰ آهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan