زبور 46 - Muslim Sindhi Bibleخدا، بني اسرائيل جي پناهہ (استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي اوچي آواز جي سُر تي ڳايو وڃي. بني قورح جي زبورن ۾ شامل) 1 خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي. 2 تنهنڪري اسان کي ڪو خوف ڪونهي، توڙي ڌرتي ڌڏي اٿلي پوي يا جبل سمنڊ جي تري ۾ وڃي پون، 3 توڙي سمنڊ جو پاڻي گجگوڙ ڪري ۽ ڇوليون هڻي، ۽ انهن جي ٽڪرائجڻ سان جبل لڏي وڃن. 4 هڪڙي اهڙي ندي آهي جنهن جون نهرون خدا جي شهر کي سَرهائي ڏين ٿيون، هائو، انهيءَ شهر کي جيڪو خدا تعاليٰ جو مقدس گھر آهي. 5 خدا انهيءَ شهر جي وچ ۾ آهي، سو ان کي ڪڏهن بہ لوڏو نہ ايندو. هو سوير پرهہ ڦٽڻ سان ئي ان جي اچي مدد ڪندو. 6 جڏهن خدا جو آواز گونجي ٿو، تڏهن قومن ۾ دهشت اچي پوي ٿي، بادشاهتن ۾ لوڏو اچي ٿو ۽ زمين ڳري وڃي ٿي. 7 قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي. 8 اچو، اوهين اچي ڏسو تہ خداوند ڇا ڇا ڪيو آهي. ڌرتيءَ تي هُن ڪهڙا ڪهڙا نہ عجائبات ڏيکاريا آهن. 9 هو پوريءَ دنيا ۾ جنگيون بند ڪري ڇڏي ٿو. هائو، هو تيرڪمان ڀڃي ڇڏي ٿو، ڀالن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو، ۽ ڍالن کي پڻ باهہ ۾ ساڙي ڇڏي ٿو. 10 خدا حڪم ٿو فرمائي تہ ”جنگ بند ڪريو. ڄاڻي ڇڏيو تہ آءٌ ئي خدا آهيان، جيڪو قومن ۾ سربلند ۽ سڄيءَ دنيا ۾ اعليٰ آهيان.“ 11 قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society