زبور 44 - Muslim Sindhi Bibleپناهہ لاءِ پڪار (استاد موسيقار لاءِ، بني قورح جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خدا! اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کان پنهنجي ڪنن سان ٻڌو آهي، تہ تو سندن ڏينهن ۾ ڪيڏا نہ عجيب وَ غريب ڪم ڪيا هئا. 2 هائو، تو قديم زماني ۾ ڌارين قومن کي ڀڄائي سندن ملڪ ڪنعان ۾ کين آباد ڪيو. انهن قومن کي برباد ڪري تو پنهنجي قوم کي خوشحال بڻايو. 3 تنهنجي قوم انهيءَ ملڪ تي پنهنجي تلوار سان قبضو نہ ڪيو هو، نڪي هنن پنهنجي طاقت سان اهو فتح ڪيو هو، بلڪ تنهنجي زورآور هٿ ۽ تنهنجي وڏي قدرت ئي هي سڀ ڪيو. تو هنن تي پنهنجي ڪرم جي نظر ڪئي، ڇاڪاڻ تہ تو کين پيار ٿي ڪيو. 4 اي خدا! اي منهنجا بادشاهہ! تو ئي اسان بني يعقوب کي سوڀون بخشيون آهن. 5 اسان پنهنجن دشمنن کي تنهنجي مدد سان ڌڪي ٿي ڪيرايو، ۽ تنهنجي ئي نالي سان پنهنجن مخالفن کي لتاڙي ٿي ڇڏيو. 6 آءٌ پنهنجي تيرڪمان تي ڀروسو نہ ٿو رکان، ۽ نہ وري منهنجي تلوار ئي ڪو مون کي بچائي ٿي سگھي، 7 بلڪ اسان کي پنهنجن دشمنن کان تو ئي تہ بچايو ٿي. هائو، جن اسان سان عداوت ٿي رکي، تن کي تو ئي شڪست ڏيئي خوار خراب ٿي ڪيو. 8 سو اسين هر وقت تو خدا تي فخر ڪندا ٿا رهون. هائو، اسين هميشہ تنهنجي نالي جي ئي واکاڻ ٿا ڪريون. 9 پر هاڻي جيئن تہ تو اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ اسان جي لشڪرن سان گڏ ڪين ٿو هلين، سو اسين شڪست کائي خوار خراب ٿي ويا آهيون. 10 تو اسان جي دشمنن اڳيان اسان کي ڀڄائي ڪڍيو آهي، ۽ انهن اسان جو مال ملڪيت لٽيو ڦريو آهي. 11 تو اسان کي ڪُسڻ وارين رڍن وانگر بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ قومن منجھہ اسان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿيئي. 12 تو پنهنجي قوم کي معمولي قيمت ۾ وڪڻي ڇڏيو آهي، جنهن مان تو کي ڪو فائدو حاصل نہ ٿيو آهي. 13 تو اسان تي غير قومن کان طعنا هڻايا آهن. هائو، آسپاس رهندڙ اسان تي ٺٺوليون ۽ چٿرون ٿا ڪن. 14 تو اسان کي قومن منجھہ پهاڪي جو سبب بڻايو آهي، جن ۾ اسين کلڻهاب بڻيا آهيون. 15 هاڻ ڏينهن رات ذلت جو منهن ڏسڻو ٿو پوي، سو آءٌ تہ شرم منجھہ ٻڏي ويو آهيان. 16 طعنا هڻندڙن ۽ توهين ڪندڙن جي ڳالهين، ۽ دشمنن جي وير وٺڻ ڪري منهنجو هي حال ٿيو آهي. 17 توڙي جو اسان جو ههڙو حال ٿيو آهي، تڏهن بہ تو کي ڪين وساريو اٿئون، نڪي وري تو سان ٻڌل عهد کي اسان ڪڏهن ٽوڙيو آهي. 18 اسان جون دليون تو کان ڪڏهن بہ ڪين ڦريون آهن، نڪي وري اسان جا پير تنهنجيءَ واٽ کان ڪڏهن هٽيا آهن. 19 تڏهن بہ تو اسان کي بيوس بڻائي ويرانين ۾ ڇڏي ڏنو آهي، ۽ گھُگھُہ اونداهيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو اٿيئي. 20 جيڪڏهن اسين تو پنهنجي خدا جو نالو وساري ڇڏيون ها، يا ڪنهن ڌارئي معبود جي آڏو پنهنجا هٿ ڊگھيريون ها، 21 پوءِ ڇا تون انهيءَ کي پوري طرح ڄاڻي نہ وٺين ها؟ ڇاڪاڻ تہ تون تہ دلين جا ڳجھہ بہ ڄاڻين ٿو. 22 تنهن هوندي بہ اسين تو خاطر روزانو موت جو منهن ڏسندا رهون ٿا. هائو، اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. 23 اي اسان جا ڌڻي! جاڳ، تون ڇو ستو پيو آهين؟ سجاڳ ٿيءُ، هميشہ جي لاءِ اسان کي ڇڏي نہ ڏي. 24 تون اسان کان پنهنجو منهن ڇو ٿو موڙين؟ تون اسان جي مصيبت ۽ مظلوميءَ کي ڇو ٿو وسارين؟ 25 اسان کي شڪست ڏيئي ڌرتيءَ تي ڪيرايو ويو آهي، ايتري قدر جو اسين مٽيءَ سان گڏ مٽي ٿي ويا آهيون. 26 اي خداوند! تون اُٿي اچي اسان جي مدد ڪر. پنهنجي دائمي شفقت جي خاطر تون اسان کي اچي بچاءِ. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society