Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 43 - Muslim Sindhi Bible

1 اي خدا! تون منهنجو انصاف ڪر، نافرمانن جي ڀيٽ ۾ تون منهنجي وڪالت ڪر. هائو، ٺڳن ۽ بي‌انصافن کان تون منهنجو بچاءُ ڪر،

2 ڇاڪاڻ تہ اي خدا! تون ئي منهنجو محافظ آهين. پوءِ تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ ڇو آءٌ پنهنجي دشمنن جي ظلم ڪري روئندو رڙندو پيو وتان؟

3 تون پنهنجو نور ۽ سچائي ظاهر ڪر تہ اهي منهنجي رهبري ڪندي مون کي تنهنجي هيڪل تائين پهچائين، جيڪا تنهنجي پاڪ جبل تي اڏيل آهي.

4 تڏهن آءٌ خدا جي قربان‌گاهہ وٽ ويندس، هائو، پنهنجي انهيءَ خدا وٽ، جيڪو منهنجي خوشين جو سرچشمو آهي. اي خدا! اي منهنجا خدا! آءٌ سارنگي وڄائي تنهنجي واکاڻ ڳائيندس.

5 هاڻ مون کي دلگير ٿيڻ نہ کپي، نڪي منهنجي اندر ۾ ايڏي بي‌قراري هئڻ گھرجي، بلڪ منهنجي اميد خدا ۾ ئي قائم رهندي. هائو، آءٌ اڃا بہ انهيءَ جي ئي تعريف ڪندس، جيڪو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو خدا آهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan