زبور 41 - Muslim Sindhi Bibleبيمار ماڻهوءَ جي دعا (استاد موسيقار لاءِ، دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي هيڻن جي سار لهن ٿا. انهن کي مصيبت جي وقت تي خداوند ڇڏائيندو. 2 خداوند سندن حفاظت ڪندو ۽ حياتي بچائيندو. هو کين سندن ملڪ ۾ برڪتن سان نوازيندو، ۽ سندن دشمنن جي مرضيءَ تي کين هرگز نہ ڇڏيندو. 3 بيماريءَ جي وقت تي خداوند انهن جي سار لهندو. هائو، بيماريءَ جي بستري تي هو کين تندرستي بخشيندو. 4 آءٌ دعا ٿو گھران تہ ”اي خداوند! بيشڪ مون تنهنجو گناهہ ڪيو آهي، پر تون مون تي رحم ڪر ۽ مون کي شفا بخش.“ 5 منهنجا دشمن ساڙ منجھان مون لاءِ هيئن چوندا ٿا وتن تہ ”ڪڏهن هن تي موت ايندو، ۽ ڪڏهن سندس نالو ميٽجي ويندو؟“ 6 جيڪي بہ منهنجي عيادت لاءِ اچن ٿا، سي رياڪاريءَ واريون ڳالهيون ٿا ڪن. هو پنهنجيءَ دل ۾ بدنيتيءَ واريون ڳالهيون رٿي ٻاهر وڃي اهي ماڻهن کي ٻڌائين ٿا. 7 جن کي مون سان عداوت آهي سي پاڻ ۾ سُس پُس پيا ڪن. اهي مون بابت تمام بريون ڳالهيون سوچيندا ٿا رهن، 8 ۽ چوندا ٿا وتن تہ ”هن کي بري بيماري لڳي آهي، سو هاڻي جو هي ليٽيو آهي تہ وري ڪڏهن ڪين اٿندو.“ 9 منهنجو اهو گَهرو دوست پڻ، جنهن تي منهنجو ڀروسو هو، ۽ جنهن منهنجو نمڪ کاڌو هو سو بہ منهنجي خلاف ٿيو آهي. 10 پر اي خداوند! تون مون تي رحم ڪر، ۽ مون کي اُٿاري کڙو ڪر، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ پنهنجي دشمنن کان بدلو وٺان. 11 جڏهن منهنجا دشمن مون کي شڪست ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيندا، تڏهن آءٌ ڄاڻي وٺندس تہ تون سچ پچ مون سان راضي آهين. 12 تون مون کي منهنجي سچائيءَ تي قائم رکين ٿو. تون ئي مون کي پنهنجي حضور ۾ هميشہ قائم رکندين. 13 شل خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ هجي! ازل کان وٺي ابد تائين شال سندس واکاڻ هجي! آمين، ثم آمين. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society