Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 40 - Muslim Sindhi Bible


صبر واري جي توڪل
(استاد موسيقار لاءِ، دائود جي زبورن ۾ شامل)

1 مون صبر ڪندي خداوند تي پنهنجي آس رکي، تڏهن هو مون ڏانهن مائل ٿيو ۽ منهنجي دانهن ٻُڌائين.

2 هن مون کي خوفناڪ کڏ، ۽ غلاظت واريءَ ڌٻڻ منجھان ٻاهر ڪڍيو، ۽ منهنجا پير ٽڪر تي رکي منهنجي چال کي قائم ڪيائين.

3 ائين ڪرڻ سان هن هڪڙو نئون گيت منهنجي وات اندر وڌو، اهو ئي گيت جيڪو اسان جي خدا جي واکاڻ سان ڀرپور آهي. اهو ڏسي گھڻا ئي خداوند جي تعظيم ڪندا ۽ مٿس توڪل رکندا.

4 بيشڪ اهي انسان سڀاڳا آهن، جيڪي خداوند تي توڪل ٿا رکن، ۽ مغرورن ۽ ڪُوڙن معبودن ڏانهن مائل ڪين ٿا ٿين.

5 اي خداوند، منهنجا خدا! تو گھڻا ئي عجيب ڪم ڪيا آهن. اسان جي لاءِ تدبيرون ڪرڻ ۾ تو مثل ڪو ئي ناهي. اسان لاءِ تنهنجا ڪيل ڪم ايترا تہ بي‌شمار آهن، جو آءٌ پنهنجي سڄي حياتي بہ انهن سڀني کي بيان ڪري نہ ٿو سگھان.

6 تون قرباني يا نذرانو ڪونہ ٿو چاهين، نڪي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني يا ساڙڻ واري قرباني ئي تو گھري آهي. بلڪ تو منهنجا ڪن کولي ڇڏيا آهن، تان‌تہ تنهنجي ٻڌي آءٌ فرمانبرداري ڪريان.

7 تڏهن ئي مون چيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“ شريعت جي ڪتاب ۾ جيڪي حڪم لکيل آهن سي مون لاءِ آهن.

8 اي منهنجا خدا! آءٌ انهيءَ ۾ خوش آهيان، جو تنهنجي مرضي پوري ڪريان، بلڪ تنهنجي شريعت تہ منهنجي دل ۾ سمايل آهي.

9 مون هيڪل جي وڏي گڏجاڻيءَ ۾ تنهنجي سچائيءَ وارا ڪم ظاهر ڪيا آهن. اي خداوند! تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ ائين ڪرڻ کان ڪين مڙندس.

10 مون تنهنجي سچائيءَ وارن ڪمن کي پنهنجيءَ دل ۾ لڪائي نہ رکيو آهي، بلڪ تنهنجي وفا ۽ بچائڻ وارن ڪمن کي ظاهر ڪيو اٿم. مون هيڪل جي وڏي گڏجاڻيءَ کان تنهنجي دائمي شفقت ۽ وفا ڳجھي ڪين رکي آهي.

11 اي خداوند! تون مون تان پنهنجي رحم جي نظر نہ هٽاءِ. تنهنجي دائمي شفقت ۽ وفا هر دم منهنجي حفاظت پيون ڪن.


اِلاهي مدد لاءِ دعا
( زبور 70 )

12 آہ! مون کي لاتعداد تڪليفون چوڌاري وڪوڙي ويون آهن! منهنجا گناهہ مٿي جي وارن کان بہ وڌيڪ آهن، جن مون کي چوڌاري اهڙو تہ وڪوڙي ڇڏيو آهي، جو آءٌ پنهنجو رستو لهي نہ ٿو سگھان. سو منهنجي دل ٽُٽي پيئي آهي.

13 اي خداوند! مون تي ٻاجھہ ڪري اچي مون کي ڇڏاءِ. اي خداوند! هاڻي جلدي اچي منهنجي مدد ڪر.

14 جيڪي منهنجي جان کي برباد ڪرڻ ٿا چاهين، سي سڀ شل خوار خراب ٿين ۽ منجھي پون! جيڪي مون کي نقصان پهچائڻ ٿا چاهين، شل سي ذليل وَ خوار ٿي پٺ ڏيئي ڀڄيو وڃن!

15 جيڪي ماڻهو رونشي طور مون تي ”اِيهو، اِيهو،“ ڪن ٿا، شل سي شڪست کائي خوار خراب ٿين!

16 شل تنهنجا سڀ طالبو تنهنجي ڪمن ڪري خوشيون ڪن ۽ سرها ٿين! جيڪي تنهنجي طرفان ڇڏائڻ جا سڪايل آهن، شل سي سدائين پيا چوندا رهن تہ ”خداوند ڪيڏو نہ عظيم آهي!“

17 اي منهنجا رب! آءٌ تہ مسڪين ۽ محتاج آهيان، پر تون منهنجو فڪر ٿو ڪرين. اي منهنجا خدا! بيشڪ تون ئي منهنجو مددگار ۽ بچائيندڙ آهين، سو هاڻي جلدي اچي منهنجي مدد ڪر.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan