زبور 4 - Muslim Sindhi Bibleمدد لاءِ شام جي دعا (استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي تار وارن سازن تي ڳايو وڃي. دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اي مون سان عدل ڪرڻ وارا منهنجا خدا! آءٌ تو کي پڪاريان ٿو، تون منهنجو عرض اگھاءِ، تون ئي مشڪل گھڙين مان مون کي ڇڏائيندو رهيو آهين. سو هاڻي بہ مون تي پنهنجو ڪرم ڪر، ۽ منهنجي دعا قبول فرماءِ. 2 اي فاني انسانؤ! اوهين ڪيستائين پيا منهنجي بدنامي ڪندا؟ ڪيستائين اوهين بيهودگي پيا چاهيندا؟ ۽ ڪوڙ جي پٺيان هوندا؟ 3 اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ نيڪ بندي کي خداوند پنهنجي لاءِ مخصوص ٿو ڪري ڇڏي، سو مون کي يقين آهي تہ هو منهنجي پڪار ضرور ٻڌندو. 4 غصي منجھہ متان اوهين ڪو گناهہ ڪري وجھو، ان جي بجاءِ پنهنجي هنڌ تي ليٽي ماٺ ڪري دل ۾ غور ويچار ڪريو. 5 اوهين شريعت مطابق پنهنجيون قربانيون پيش ڪريو، ۽ پنهنجي خداوند تي توڪل رکو. 6 گھڻا ئي آهن جيڪي انساني ڀلائي چاهين ٿا. پر اي خداوند! آءٌ تنهنجي ڪرم جي نگاهہ جو طالبو آهيان. 7 جيڪا خوشي هنن کي جھجھي اناج ۽ مئي سان ملي ٿي، تنهن کان وڌيڪ خوشي تو منهنجيءَ دل کي بخشي آهي. 8 جڏهن بہ آءٌ ليٽان ٿو سلامتيءَ واري ننڊ ٿو ڪريان، ڇو تہ اي خداوند! تون ئي مون کي حفاظت سان ٿو رکين. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society