Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 39 - Muslim Sindhi Bible


ڏکويل جي پڪار
(استاد موسيقار يدوتون جي لاءِ، دائود جي زبورن ۾ شامل)

1 مون اهو فيصلو ڪيو هو تہ آءٌ پنهنجين واٽن تي هوشياريءَ سان هلندس، تان‌تہ آءٌ پنهنجيءَ زبان سان ڪو گناهہ ڪري نہ وجھان. پوءِ منهنجي اڳيان جيستائين بڇڙا ماڻهو هوندا، تيستائين آءٌ پنهنجي وات کي لغام ڏيئي ڇڏيندس.

2 پر توڙي جو آءٌ گونگو بڻجي چپ رهيس، ۽ چڱي ڳالهہ چوڻ کان بہ بس ڪيم، تڏهن بہ منهنجو ڏک اڃا گھڻو وڌي ويو.

3 منهنجي دل اندر ئي اندر ڳرندي رهي، ۽ منهنجي خيالن پچائيندي پچائيندي اندر ۾ باهہ ٻري ويئي. تڏهن منهنجي زبان مان نڪتو تہ

4 ”اي خداوند! تون مون کي ٻڌاءِ تہ منهنجي پڄاڻي ڪڏهن ٿيندي؟ منهنجا ڏينهن باقي گھڻا بچيا آهن؟ تان‌تہ آءٌ ڄاڻي وٺان تہ آءٌ ڪيترو نہ فاني آهيان.“

5 اي خداوند! ڏس، تو منهنجي عمر رڳو گھڙيءَ، بلڪ هڪڙي پلڪ جيتري ڪئي آهي. هائو، تنهنجي آڏو منهنجي حياتي ڪين جهڙي آهي، بلڪ هر انسان جي زندگي تو رڳو ٻاڦ مثل ڪئي آهي.

6 بيشڪ هر انسان پاڇي وانگر گم ٿيو وڃي. هو جيڪا بہ جاکوڙ ڪري ٿو سا بلڪل بي‌فائدي آهي. هو مال پٺيان مال تہ گڏ ڪندو ٿو رهي، پر اها خبر ڪين اٿس تہ اهو ڪنهن جي ملڪيت ٿيندو.

7 هاڻي اي منهنجا رب! ڀلا آءٌ ڪهڙيءَ ڳالهہ تي ڀروسو ڪريان؟ اي منهنجا ڌڻي! مون تہ پنهنجي توڪل تو تي رکي آهي.

8 تون مون کي منهنجي سڀني بدڪارين کان بچاءِ، ۽ بي‌وقوفن کي مون تي طعناتنڪا هڻڻ نہ ڏي.

9 مون ڄاتو ٿي تہ جيڪي بہ ٿيو آهي سو تو ئي ڪيو آهي، سو آءٌ گونگو بڻيل آهيان ۽ ڪا شڪايت نہ ٿو ڪريان.

10 اي خداوند! تون مون کان پنهنجي آفت پري ڪر، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي هٿ جي چوٽ کان آءٌ تباهہ ٿيندو ٿو وڃان.

11 جڏهن تون بڇڙائيءَ تي ڇينڀي انسانن کي سيکت ڏين ٿو، تڏهن جيئن ڪينئان ماس کائي چٽ ڪري ڇڏيندا آهن، تيئن تون سندن پيارين شين کي ڳاري ساڙي ٿو ڇڏين. بيشڪ هر انسان رڳو ٻاڦ مثل آهي.

12 اي خداوند! تون منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجيءَ دانهن تي ڌيان ڏي، منهنجا ڳوڙها وهندي ڏسي تون ماٺ ڪري نہ ويهہ. انهيءَ سبب جو آءٌ تنهنجي هن دنيا ۾ ٿوري وقت جو مهمان آهيان. هائو، آءٌ پنهنجي سڀني ابن ڏاڏن وانگر مسافر آهيان.

13 تون پنهنجي هٿ کي روڪ، تہ جيئن آءٌ گھڙي کن خوشي ڏسي وٺان، ان کان اڳ جو آءٌ رحلت ڪريان ۽ فنا ٿي وڃان.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan