Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 38 - Muslim Sindhi Bible


ڏکويل جي دعا
(خداوند کي يادگيري ڏيارڻ لاءِ، دائود جي زبورن ۾ شامل)

1 اي خداوند! پنهنجي ڪاوڙ ۾ مون کي ڇينڀڻ بند ڪر، هائو، پنهنجي غصي ۾ مون کي سيکت ڏيڻ کان درگذر ڪر.

2 تنهنجي تيرن مون کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ تنهنجي هٿ مون کي هيٺ ڪيرائي وڌو آهي.

3 منهنجي گناهن سبب تنهنجي غصي منهنجي پوري بدن کي نقصان رسايو آهي، ايتري قدر جو منهنجيون هڏيون بہ پيون سور ڪن.

4 پنهنجي گناهن جي ٻوڏ اندر آءٌ ٻڏي رهيو آهيان. هائو، اهي اهڙي ڳري بار وانگر آهن، جنهن جي هيٺان آءٌ چيڀاٽجي رهيو آهيان.

5 منهنجي نادانيءَ جي ڪري منهنجو پورو بدن ڦٽجي پيو آهي. اهي ڦٽ ايترا تہ ڪنا ٿي ويا آهن، جو انهن منجھان بانس ٿي اچي.

6 آءٌ ڪٻڙو ٿي ويو آهيان ۽ ڏاڍو جھڪي پيو آهيان. منهنجو سڄو ڏينهن روئندي روئندي پيو گذري.

7 منهنجو بدن بخار ۾ ٻرندو پيو رهي. آہ! منهنجي جسم مان صحت موڪلائي ويئي آهي!

8 آءٌ تمام نستو ۽ بلڪل ئي چيڀاٽيل آهيان. آءٌ پنهنجي دل جي بي‌چينيءَ جي ڪري دانهون پيو ڪريان.

9 اي منهنجا رب! منهنجيون سڀيئي مرادون تو آڏو آهن، تو کان منهنجي ڪا ڪنجھڪار لڪل ڪين آهي.

10 منهنجي دل جي ڌڙڪن گھٽجي ويئي آهي، ۽ بدن جي طاقت ڇڏائبي پيئي وڃي، ايتري قدر جو منهنجي منهن مان رونق ڇڏائي ويئي آهي.

11 منهنجي انهيءَ آفت جي ڪري منهنجا دوست ۽ پيارا بہ مون کان پري ٿي ويا آهن، بلڪ منهنجا مٽ مائٽ بہ منهنجي ويجھو نہ ٿا اچن.

12 موقعو ڏسي منهنجي جان جا دشمن مون لاءِ ڦندا ٿا اڏين. هائو، جيڪي منهنجو نقصان ٿا چاهين، سي تباهيءَ جون ڳالهيون پيا ڪن. اهي مون سان دغا ڪرڻ لاءِ سڄو ڏينهن منصوبا پيا جوڙين.

13 پر ٻوڙي ماڻهوءَ وانگر آءٌ سندن ڳالهيون نہ ٿو ٻڌان. گونگي ماڻهوءَ وانگر آءٌ کين ڪو جواب نہ ٿو ڏيان.

14 هائو، آءٌ تہ هڪڙي اهڙي ماڻهوءَ جيان ٿيو آهيان، جيڪو نڪي ٻڌي ٿو، ۽ نہ ئي وري ڪو ڏوراپو ئي ٿو ڏئي.

15 انهيءَ سبب جو اي خداوند! تو تي ئي منهنجو ڀروسو آهي. اي منهنجا رب! اي منهنجا خدا! تون ئي منهنجي ٻڌندين.

16 منهنجو عرض آهي تہ ”شل ائين نہ ٿئي جو دشمن مون تي خوشيون ملهائين، ۽ جڏهن منهنجو پير ترڪي پئي تڏهن هو پاڻ کي پڏائين.“

17 انهيءَ سبب جو آءٌ بلڪل ئي ڪرڻ تي آهيان. منهنجو درد هر وقت منهنجي اڳيان آهي.

18 بيشڪ آءٌ پنهنجيون بدڪاريون قبول ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي گناهن جي ڪري آءٌ پشيمان آهيان.

19 جيڪي بنا سبب منهنجا دشمن ٿيا آهن سي زورآور آهن. جيڪي ناحق مون سان عداوت ٿا رکن سي وڌي گھڻا ٿي ويا آهن.

20 جيڪي نيڪيءَ جي عيوض بدي ٿا ڪن، سي منهنجا دشمن بڻجي ويا آهن، ڇوجو آءٌ نيڪيءَ جي راهہ تي هلندو ٿو رهان.

21 اي منهنجا خداوند! تون مون کي ڇڏي نہ ڏجانءِ. اي منهنجا خدا! تون مون کان پري نہ ٿجانءِ.

22 اي مون کي ڇڏائيندڙ ۽ نجات ڏيندڙ رب! جلد اچي منهنجي مدد ڪر.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan