زبور 37 - Muslim Sindhi Bibleسچارن جو انعام ۽ بدڪارن جو انجام (دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 بدڪارن کي خوش ڏسي اوهين پنهنجو پاڻ کي پريشان نہ ڪريو. هائو، انهن سان ريس نہ ڪريو، جيڪي بڇڙائيءَ جا ڪم ڪن ٿا. 2 اهي گاهہ جيان جلد ئي سڪي سڙي ويندا. هائو، پاڻي نہ ملندڙ ٻوٽي وانگر اهي ڪومائجي ويندا. 3 اوهين خداوند تي ڀروسو رکو، ۽ هر ڪنهن سان ڀلائي ڪريو، تانتہ پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ سلامتيءَ سان آباد رهو. 4 خداوند جي حضور مان اوهين پنهنجي خوشي حاصل ڪريو، اهو ئي اوهان جي دل جون مُرادون پوريون ڪندو. 5 اوهين پنهنجيون سڀ واٽون خداوند جي حوالي ڪريو. اوهين مٿس توڪل رکو تہ هو پاڻيهي اوهان جون گھرجون پوريون ڪندو. 6 هو اوهان جي سچائيءَ کي روشنيءَ وانگر ظاهر ڪندو، هائو، هو اوهان جي حق تي هجڻ کي منجھند جي روشنيءَ وانگر پڌرو ڪندو. 7 اوهين خداوند آڏو راضي رهو ۽ مٿس توڪل رکو. بدڪار جيڪي پنهنجيءَ راهہ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، يا وري اهي جيڪي برن منصوبن سان سوڀ ٿا ماڻين، تن کي ڏسي اوهين منجھي نہ پئو. 8 اوهين غصي کان پاسو ڪريو ۽ ڪاوڙ کي ڇڏي ڏيو. پاڻ کي ڪڏهن بہ خفي نہ ڪريو، متان اوهان کان ڪا برائي ٿي پوي. 9 انهيءَ سبب جو جن جي توڪل خداوند تي آهي، سي ملڪ جا وارث ٿيندا، مگر بدڪار ماڻهن کي برباد ڪيو ويندو. 10 هائو، ٿوري عرصي ۾ ئي اهي اهڙا نابود ٿي ويندا، جو ڳوليا نہ لڀندا. 11 پر جيڪي خدا جا تابعدار آهن، سي ملڪ جا وارث ٿيندا. اهي جھجھي سلامتيءَ سان گڏ خوشحالي ماڻيندا رهندا. 12 بدڪار ماڻهو سچارن جي خلاف ويٺا سازشون رٿين، ۽ مٿن پنهنجا ڏند پيا ڪرٽين. 13 پر ڌڻي انهن بدڪار ماڻهن تي کلي ٿو، ڇوجو هو ڄاڻي ٿو تہ سندن وقت اچي پورو ٿيو آهي. 14 بدڪارن تلوارون ڪڍيون آهن، ۽ تيرڪمان پڻ ڇڪيا اٿائون، تانتہ غريب ۽ محتاج ماڻهن کي ڪيرائي وجھن، ۽ سڌي رستي تي هلڻ وارن کي قتل ڪري ڇڏين. 15 پر انهن جون پنهنجيون تلوارون سندن ئي دلين ۾ گھڙي وينديون، ۽ سندن تيرڪمان ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوندا. 16 سچار ماڻهن وٽ جيڪي ڪجھہ بہ ٿورو آهي، سو بڇڙن جي گھڻي دولت کان بهتر آهي. 17 انهيءَ سبب جو بدڪارن جو زور ٽوڙيو ويندو، پر سچار ماڻهن جي خداوند حفاظت ڪندو. 18 خداوند پنهنجي فرمانبردارن جون حياتيون محفوظ ٿو رکي. هو سندن ميراث وارو ملڪ هميشہ هميشہ لاءِ سندن حوالي رکندو. 19 اهي خراب وقتن ۾ بہ ڪڏهن تڪليف نہ ڏسندا، بلڪ ڏڪار جي ڏينهن ۾ بہ سدائين ڍاول رهندا. 20 پر بڇڙا ماڻهو برباد ٿي ويندا. خداوند جا دشمن چراگاهن جي ساوڪ وانگر نابود ٿيندا. هائو، اهي ائين گم ٿي ويندا جيئن دونهون هوا ۾ گم ٿيو وڃي. 21 بدڪار ماڻهو قرض وٺي واپس ڪين ٿا ڪن، جڏهن تہ سچار ماڻهو فراخ دليءَ سان سخاوت ڪندا ٿا رهن. 22 خداوند جن کي برڪت ٿو ڏئي سي ملڪ جا وارث ٿيندا، ۽ جن تي هو لعنت ٿو ڪري سي برباد ٿي ويندا. 23 خداوند کي جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي واٽ پسند اچي ٿي، تڏهن هو انهيءَ ماڻهوءَ جي قدمن کي ان واٽ تي ئي قائم رکي ٿو. 24 توڙي جو اهو ماڻهو ٿاٻڙجي بہ پوي، تڏهن بہ اهو ڪرندو ڪونہ، ڇاڪاڻ تہ خداوند انهيءَ کي هٿ ڏيئي سنڀالي ٿو وٺي. 25 مون پنهنجي جوانيءَ کان وٺي پوڙهي ٿيڻ تائين ڪڏهن بہ سچار ماڻهن کي وساريل ڪين ڏٺو آهي، نڪي سندن اولاد کي مانيءَ جي ٽڪر لاءِ پنندو ڏٺو اٿم. 26 اهي هر وقت رحم ڪندي قرض ڏيندا رهن ٿا. سو سندن اولاد سندن لاءِ برڪت ئي برڪت ٿو بڻجي. 27 تنهنڪري اوهين بڇڙائيءَ کان پري ڀڄو، ۽ هر ڪنهن سان نيڪي ڪريو، تڏهن ئي اوهين هن ملڪ ۾ هميشہ تائين قائم رهندا. 28 جيئن تہ خداوند انصاف کي پسند ٿو ڪري، سو هو پنهنجي نيڪ بندن کي ڇڏي ڪين ٿو ڏئي. بيشڪ سچارن جي هميشہ حفاظت ڪئي ويندي، پر بڇڙن ماڻهن جو نسل برباد ڪيو ويندو. 29 سچار ماڻهو ملڪ جا وارث ٿيندا، ۽ هميشہ تائين انهيءَ ملڪ ۾ پيا رهندا. 30 سچار ماڻهن جي واتان ڏاهپ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن. هائو، سندن زبان مان انصاف جي ڳالهہ ٿي نڪري. 31 هنن جي دل ۾ پنهنجي خدا جي شريعت آهي، تنهنڪري هو ڪڏهن بہ ڪو غلط قدم نہ ٿا کڻن. 32 بڇڙا ماڻهو سچارن جي تاڙ ۾ رهن ٿا. هو کين قتل ڪرڻ لاءِ وجھہ ڳوليندا وتن ٿا. 33 پر خداوند سچارن کي دشمنن جي هٿن ۾ ڇڏي نہ ڏيندو. هائو، جڏهن سچارن کي عدالت ۾ گهليو ويندو، تڏهن خدا کين ڏوهي قرار ڏيڻ نہ ڏيندو. 34 سو اوهين خداوند تي توڪل رکو، ۽ سندس واٽن تي هلندا رهو. هو اوهان کي سرفراز ڪندو ۽ ملڪ جو وارث بڻائيندو، پوءِ اوهين ويٺا ڏسندا تہ ڪيئن نہ بڇڙن کي برباد ڪيو ٿو وڃي. 35 مون بدڪار ماڻهوءَ کي ڏاڍو زور وٺندي ڏٺو آهي، هائو، جهڙيءَ طرح ڀلي ٻنيءَ ۾ لڳل سائو وڻ زور وٺي ٿو. 36 پر پوءِ جڏهن آءٌ انهيءَ وٽان لنگھيس، تڏهن ڏٺم تہ اهو هو ئي ڪين. مون انهيءَ جي ڳولا ڪئي پر مون کان لڌو ئي ڪين. 37 مگر نيڪ ماڻهن تي نظر ڪريو ۽ سچارن ڏانهن نهاريو، ڏسو تہ امن پسند ماڻهن جو مستقبل ڪيڏو نہ روشن آهي! 38 جڏهن تہ بدڪار ماڻهو سڀ جو سڀ برباد ٿيندا. هائو، بڇڙن جو مستقبل برباد ڪيو ويندو. 39 خداوند سچارن کي بچائي وٺي ٿو. اهو ئي مصيبت جي وقت تي سندن جاءِپناهہ آهي. 40 ھائو، خداوند انهن جي مدد ڪري ٿو. هو بڇڙن کان ڇڏائي کين بچائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند وٽ اچي پناهہ ورتي آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society