Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 36 - Muslim Sindhi Bible


انساني بڇڙائي ۽ شفقتِ الاهي
(استاد موسيقار لاءِ، خداوند جي ٻانهي دائود جي زبورن ۾ شامل)

1 بڇڙن جي دلين ۾ خدا جو ڪو خوف ڪونهي. سندن دلين تي رڳو گناهہ جي حڪمراني آهي.

2 هو اهو سمجھي پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿا ڏين تہ ”اسان جي بدڪاري خدا ڏسي ئي نہ ٿو، سو هو اسان کي انهيءَ جي سزا نہ ڏيندو.“

3 انهن جي وات ۾ بڇڙائيءَ ۽ دغا جون ڳالهيون آهن. هنن ڏاهپ ۽ نيڪيءَ کي بلڪل ئي ڇڏي ڏنو آهي.

4 اهي پنهنجي هنڌ تي ليٽي بہ بڇڙائيءَ جون ئي رٿون ٿا رٿين. اهي برائيءَ کان نفرت نہ ٿا ڪن بلڪ بريءَ راهہ تي هلندا ٿا رهن.

5 اي خداوند! تنهنجو رحم آسمانن تائين ٽمٽار آهي، ۽ تنهنجي وفا بادلن تائين ڀريل آهي.

6 تنهنجي سچائي ايڏي اوچي آهي جيڏا اوچا وڏا پهاڙ آهن. تنهنجا فيصلا ايڏا اونها آهن جيڏي اونهائي وڏي بحر جي آهي. اي خداوند! ماڻهن توڙي جانورن کي تون ئي ٿو سنڀالين.

7 اي خدا! تنهنجي دائمي شفقت ڪيڏي نہ بيش‌بها آهي! بني آدم تنهنجي پرن جي پاڇي هيٺ پناهہ وٺن ٿا.

8 اهي تنهنجي در جي نعمتن مان کائي ڍءُ ڪن ٿا، تون انهن کي پنهنجي خوشين جي نديءَ مان پيئارين ٿو.

9 ساهوارن جي حياتيءَ جو سرچشمو تون ئي آهين، تنهنجي نور جي روشني اسان کي ڏسڻ جي سگھہ عطا ڪري ٿي.

10 جيڪي تو کي سڃاڻن ٿا تن کي تون پنهنجي شفقت ڏيکار. جيڪي دل جا سچار آهن تن سان پنهنجي وفا قائم رک.

11 سو ائين نہ ٿئي جو مغرور ماڻهو مون تي لت کڻن. هائو، ائين نہ ٿئي جو انهن بڇڙن جو هٿ مون کي لوڌي ڪڍي.

12 بيشڪ، اسين بدڪارن کي هيٺ ڪيرايل ڏسنداسين، اهي ڌڪي ڪيرايا ويندا ۽ وري اُٿي ڪين سگھندا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan