Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 35 - Muslim Sindhi Bible


دشمنن کان بچاءَ لاءِ دعا
(دائود جي زبورن ۾ شامل)

1 اي خداوند! جيڪي مون سان جھڳڙو ڪن ٿا، تن سان تون جھڳڙو ڪر. هائو، تون انهن سان وڙهہ جيڪي مون سان وڙهن ٿا.

2 تون پنهنجا جنگي هٿيار کڻي، منهنجي مدد لاءِ اُٿي کڙو ٿيءُ.

3 جيڪي منهنجو پيڇو ٿا ڪن، تن کي پنهنجو ڀالو ۽ ڪهاڙي ڏيکار. تون مون کي اهو چئي تسلي ڏي تہ تون ئي منهنجو بچائيندڙ آهين.

4 جيڪي منهنجو ساهہ ڪڍڻ گھرن ٿا، سي شل شرمندا ۽ خوار خراب ٿين! جيڪي مون لاءِ سازش سِٽن ٿا، سي شل پٺتي هٽي پريشان ٿي وڃن!

5 شل اهي بلڪل اهڙا ٿي وڃن جيئن واءُ جي اڳيان بُهہ، ۽ تو خداوند جو ملائڪ انهن جي پٺيان لڳو رهي!

6 شل انهن جي واٽ اونداهي ۽ ترڪڻي ٿئي، ۽ تو خداوند جو ملائڪ انهن کي سَٽي پٺيان ڪيرائيندو وڃي!

7 ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار وڇايو آهي. هائو، هنن بي‌سبب مون لاءِ کڏ کوٽي آهي.

8 شل اوچتو ئي اوچتو انهن تي بربادي اچي پوي! هنن جيڪو ڄار وڇايو آهي تنهن ۾ شل پاڻ ئي ڦاسي پون! جيڪا کڏ هنن کوٽي آهي تنهن ۾ شل پاڻ ئي ڪري برباد ٿين!

9 تڏهن اي خداوند! تنهنجي انهيءَ ڪرم ڪري آءٌ سَرهو ۽ خوش ٿيندس. هائو، جڏهن تون مون کي دشمنن کان بچائيندين، تڏهن آءٌ بيحد خوشيون ڪندس.

10 آءٌ پوري دل وَ جان سان تنهنجي واکاڻ ڪندي چوندس تہ ”اي خداوند! تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي. تون ئي ڪمزورن کي زورآورن جي هٿن منجھان ڇڏائين ٿو. تون ئي غريبن ۽ محتاجن کي ڦُرمار ڪندڙن کان بچائين ٿو.“

11 منهنجي خلاف بدخواہ شاهد اُٿي کڙا ٿيا آهن. هو مون تي اهڙيون ڳالهيون ٿا مڙهين، جن بابت آءٌ ڄاڻان ئي نہ ٿو.

12 منهنجي نيڪيءَ جي بدران هو مون سان بدي ڪن ٿا، جنهن جي ڪري آءٌ بلڪل مايوس ٿي وڃان ٿو.

13 اهي جڏهن بيمار ٿيندا هئا، تڏهن آءٌ هنن لاءِ کٿو ڍڪيندو هئس، ۽ فاقا ڪڍي پنهنجيءَ جان کي ڏک ڏيندو هئس. پوءِ جڏهن هنن لاءِ گھريل منهنجيون دعائون قبوليت بنا موٽي اينديون هيون،

14 تڏهن آءٌ هنن لاءِ ائين افسوس ڪندو هئس، ڄڻ اهي منهنجا دوست يا ڀائر هئا. آءٌ هنن لاءِ ڪنڌ جھڪائي ائين غم ڪندو هئس، جيئن ڪو پنهنجي ماءُ لاءِ ماتم ڪري.

15 پر جڏهن مون کي ٿاٻو آيو تڏهن هو خوش ٿي اچي گڏيا. اهي ظالم ماڻهو ميڙ ڪري اچي مون تي ڪڙڪيا، ۽ جڏهن انهن منهنجو ماس پئي پٽيو، تڏهن اهي مون کي سڃاڻڻ ۾ ئي نہ پئي آيا.

16 اهي مون کي ائين گارگند ڪڍندا ٿي رهيا، ۽ مون تي پنهنجا ڏند ڪرٽيندا ٿي رهيا، جيئن ڄڻ کين خدا جو خوف ئي ڪونہ هو.

17 اي منهنجا ڌڻي! تون ڪيستائين ماٺ ڪيو پيو ڏسندو رهندين؟ مون کي هنن بگھڙن جي چير ڦاڙ کان بچاءِ.

18 تڏهن عبادت واري وڏي گڏجاڻيءَ ۾ آءٌ تنهنجو شڪر ادا ڪندس. هائو، آءٌ سڀني ماڻهن جي اڳيان تنهنجي واکاڻ ڪندس.

19 اي خداوند! جيڪي ناحق منهنجا دشمن بڻيا آهن، تن کي تون مون تي خوش ٿيڻ نہ ڏي، جيڪي مون سان بي‌سبب نفرت ڪن ٿا، تن کي مون تي کل ٺٺوليون ڪرڻ نہ ڏي.

20 اهي صلح واريون ڪي بہ ڳالهيون ڪين ٿا ڪن، بلڪ ملڪ ۾ جيڪي صلح پسند آهن، تن جي خلاف ٺڳيءَ واريون رٿون ٿا رٿين.

21 ايتري قدر جو هو منهنجي خلاف وات ڦاڙي هيئن ٿا چون تہ ”آها، آها، تو جيڪي بہ ڪيو سو اسان پنهنجي اکين سان ڏٺو.“

22 اي خداوند! تو پاڻ اهو ڏٺو آهي، سو هاڻي تون خاموش نہ رهہ. اي منهنجا ڌڻي! تون مون کان منهن نہ موڙ.

23 اُٿ اي منهنجا ڌڻي! تون منهنجي وڪالت لاءِ اُٿي کڙو ٿيءُ. اي منهنجا خدا! هاڻ تون انصاف منهنجي پلئِہ وجھہ.

24 اي خداوند، منهنجا خدا! پنهنجي سچائيءَ سان منهنجو انصاف ڪر. تون منهنجي دشمنن کي منهنجي مٿان خوش ٿيڻ نہ ڏي.

25 ائين نہ ٿئي جو اهي پاڻ ۾ هيئن چوندا وتن تہ ”واہ واہ! هاڻي اسان جي مرضي پوري ٿي، اسان هن کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي.“

26 منهنجي مصيبت جي ڪري جيڪي خوشيون ٿا ملهائين، شل سي سڀ جو سڀ خوار خراب ۽ پريشان ٿين! هائو، منهنجي خلاف جيڪي پاڻ کي پڏائين ٿا، سي شل ذليل وَ خوار ٿين!

27 جيڪي منهنجي سچي معاملي جي تائيد ٿا ڪن، شل سي خوش ۽ سرها ٿين! ۽ سدائين هيئن پيا چوندا وتن تہ ”خداوند جي واکاڻ هجي، جيڪو پنهنجي ٻانهي جي ڀلائيءَ سببان خوش ٿو ٿئي.“

28 تڏهن منهنجيءَ زبان تي تنهنجي سچائيءَ جو ذڪر هوندو، ۽ سڄو ڏينهن آءٌ تنهنجي تعريف پيو بيان ڪندس.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan