زبور 34 - Muslim Sindhi Bibleخدا جي ڀلائيءَ جي واکاڻ ( دائود جو ان وقت جو زبور، جڏهن ابيملڪ بادشاهہ جي اڳيان پاڻ کي بچائڻ لاءِ هن چرين وارو ويس ڪيو هو. انهيءَ تي بادشاهہ کيس درٻار مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ائين هو بچي نڪري ويو.) 1 آءٌ خداوند کي هر دم سڳورو چوندو رهندس. منهنجي زبان هر وقت سندس واکاڻ پيئي ڪندي. 2 هائو، آءٌ خداوند جي واکاڻ ڪندو رهندس. جيڪي بہ ڏکايل آهن سي اها ٻڌي خوش ٿيندا. 3 اوهين مون سان گڏجي خداوند جي عظمت جو بيان ڪريو. اچو تہ اسين هن جي نالي جي واکاڻ ڪريون. 4 مون خداوند کان دعا گھري ۽ هن منهنجي ٻڌي آهي. هن مون کي منهنجي سڀني خوفن کان ڇڏائي ورتو آهي. 5 جيڪي هن تي توڪل ٿا رکن سي سوجھرو حاصل ڪن ٿا، ۽ انهن جا منهن ڪڏهن بہ شرمندگي نہ ڏسندا. 6 مون مسڪين خداوند آڏو فرياد ڪيو، ۽ خداوند منهنجي ٻڌي ورتي. هن منهنجي سڀني مصيبتن کان مون کي بچائي ورتو. 7 جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، تن کي سندس ملائڪ هر خطري کان دور ٿو رکي. هو انهن جي چوڌاري پهرو ڏيئي سندن حفاظت ٿو ڪري. 8 هر طرح سان آزمائي ڏسو تہ خداوند ڪيڏو نہ ڀلو آهي. بيشڪ اهو ماڻهو سڀاڳو آهي جيڪو انهيءَ جي پناهہ ٿو وٺي. 9 سو اي خداوند جا چونڊيل ٻانهؤ! خداوند جو خوف رکو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي کانئس ڊپ رکن ٿا تن وٽ ڪا ئي ڪمي نہ آهي. 10 کاڌي جي ڪميءَ جي ڪري شينهن بہ بکيا رهن ٿا، پر خداوند جا طالبو ڪنهن نعمت جا محتاج نہ ٿيندا. 11 اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ويجھو اچي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، اچو تہ آءٌ اوهان کي خداوند جو خوف رکڻ سيکاريان. 12 اهڙو ڪوبہ ماڻهو نہ آهي، جيڪو حياتيءَ جي خواهش نہ رکندو هجي. هائو، هر ڪو ماڻهو وڏي عمر ٿو چاهي، تانتہ هو پنهنجي حياتيءَ جو مزو ماڻي سگھي. 13 سو اوهين پنهنجيءَ زبان کي بڇڙائيءَ کان روڪيو. اوهين پنهنجي وات کي ٺڳيءَ جي ڳالهين کان باز رکو. 14 هائو، بڇڙائيءَ کان پري ڀڄو ۽ سدائين نيڪي ڪندا رهو. اوهين صلح جا طالبو ٿيو ۽ انهيءَ جي پٺيان لڳا رهو. 15 خداوند جون اکيون سچارن تي کتل رهن ٿيون، ۽ سندس ڪن انهن جي فرياد تي لڳل ٿا رهن. 16 خداوند هر بدڪار جو مخالف آهي، تانتہ انهن جي يادگيريءَ کي ڌرتيءَ تان ئي مِٽائي ڇڏي. 17 جڏهن خداوند جا تابعدار کيس مدد لاءِ پڪارين ٿا، تڏهن هو سندن ٻڌي ٿو، ۽ سڀني تڪليفن کان کين ڇڏائي ٿو وٺي. 18 خداوند انهن کي ويجھو آهي جيڪي دلشڪستہ آهن، ۽ جن جا روح چيڀاٽيل آهن تن کي هو بچائي ٿو. 19 سچار ماڻهن جي مٿان تڪليفون تہ گھڻيون ئي آهن، پر خداوند انهن سڀني کان کين ڇڏائي ٿو. 20 خداوند سندن سڀني هڏين کي سنڀالي ٿو، تانتہ انهن جي ڪابہ هڏي ڀڄي نہ پوي. 21 پر جن کي سچارن کان نفرت آهي، تن کي ڏوهي قرار ڏنو ويندو. اهي پنهنجي بڇڙائيءَ وسيلي پاڻ ئي قتل ڪيا ويندا. 22 خداوند پنهنجي ماڻهن جي جان بچائي ٿو وٺي. هائو، اهي ٻانها جيڪي سندس پناهہ ٿا وٺن، تن مان ڪوبہ ڏوهي قرار نہ ڏنو ويندو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society