زبور 33 - Muslim Sindhi Bibleخالق جي واکاڻ جو گيت 1 اي سچارؤ! اوهين خداوند جي لائق سندس واکاڻ ڪريو، اي فرمانبردارؤ! اوهين سندس ڪم تي خوشيون ملهايو. 2 اوهين سارنگي وڄائيندي خداوند جو شڪرانو ڪريو. اوهين ڏهن تارن واري دنبوري تي انهيءَ جي واکاڻ ڳايو. 3 اوهين هن جي لاءِ هڪڙو نئون گيت ڳايو، مهارت سان ساز وڄايو ۽ وڏي آواز سان ڳايو. 4 بيشڪ خداوند جو فرمان سراسر سچو آهي، جنهن موجب هو سڀيئي ڪم وفا سان پورا ڪري ٿو. 5 خداوند کي سچائيءَ ۽ انصاف سان پيار آهي. هيءَ سڄي ڌرتي خداوند جي لافاني شفقت سان ڀرپور آهي. 6 خداوند جي حڪم سان سمورا آسمان بڻجي ويا. هن جي امر سان آسمانن جي سڄي خلقت پيدا ٿي ويئي. 7 هو سمنڊ جي پاڻيءَ کي پنهنجيءَ مٺ ۾ بند رکي ٿو، هائو، هو وڏن وڏن بحرن کي سندن مقرر جاءِ ۾ بند رکي ٿو. 8 شل هن دنيا جا سڀيئي رهاڪو، خداوند جو احترام ۽ تعظيم ڪندا رهن! 9 بيشڪ جيئن ئي هن فرمايو تيئن دنيا پيدا ٿي پيئي، هائو، هن جي حڪم ڏيڻ سان ڌرتي وجود ۾ اچي ويئي. 10 خداوند قومن جي تجويزن کي باطل ٿو ڪري ڇڏي. هائو، هو ماڻهن جي تدبيرن کي رد ڪري ٿو ڇڏي. 11 پر خداوند جون تجويزون هميشہ هميشہ تائين قائم رهنديون. سندس رٿيل تدبيرون سڀني پيڙهين تائين قائم رهنديون. 12 بيشڪ اها قوم سڀاڳي آهي، جنهن جو معبود رڳو خداوند آهي. هن انهيءَ قوم کي پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي. 13 خداوند مٿان عرش عظيم تان هيٺ نهاري ٿو ڏسي، هن جي نظر کان ڪوبہ بني آدم لڪل نہ ٿو رهي. 14 هو پنهنجي تخت واريءَ جاءِ تان هيٺ نهاري ٿو. هائو، هو ڌرتيءَ جي سڀني رهاڪن کي نهاري ٿو ڏسي. 15 جيڪو سڀني انسانن جي دلين جو ٺاهڻ وارو آهي، تنهن کان ڪنهن بہ ماڻهوءَ جو ڪو عمل لڪي سگھي ٿو ڇا؟ 16 ياد رکو، فوج جي گھڻائيءَ سان ڪوبہ بادشاهہ سوڀ ماڻي نہ ٿو سگھي، نڪي گھڻي طاقت جي ڪري ڪوبہ بهادر غالب اچي سگھي ٿو. 17 سوڀاري ٿيڻ لاءِ جنگي گھوڙو بلڪل اجائي شيءِ آهي. اهو ڪيڏو بہ زور وارو کڻي ڇو نہ هجي، پر سوڀارو ڪري نہ سگھندو. 18 ڏسو، خداوند جي نظر انهن تي آهي، جيڪي کيس تعظيم ڏين ٿا. بيشڪ جيڪي هن جي رحمت تي اميد رکن ٿا، تن تي ئي سندس نظر آهي. 19 هائو، اهو خداوند ئي آهي، جيڪو موت کان بہ کين بچايو وٺي، ۽ ڏڪار جي ڏينهن ۾ بہ کين جيئرو ٿو رکي. 20 سو اي خداوند! اسان جي توڪل تو تي آهي، تون ئي اسان جو مددگار ۽ اسان جو محافظ آهين. 21 تنهنجي ٻاجھہ جي ڪري اسان جون دليون خوش ٿيون رهن، سو تنهنجي پاڪ نالي تي ئي اسان جي توڪل آهي. 22 اي خداوند! جيئن اسان جي اميد تو ۾ آهي، تيئن ئي شل تنهنجي رحمت اسان تي هجي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society