Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 29 - Muslim Sindhi Bible


طوفان ۾ خداوند جي حشمت
(دائود جي زبورن ۾ شامل)

1 اي فرشتؤ! اوهين خداوند جي تعريف ڪريو. هائو، هن جي جلال ۽ قدرت جي واکاڻ ڪريو.

2 خداوند جي نالي جي لائق اوهين سندس تعريف ڪريو. سندس شان وَ شوڪت ڏسي کيس سجدو ڪريو.

3 خداوند جو آواز بحرن تي آهي، جلال وارو خدا گجگوڙ ڪري ٿو. بيشڪ وسيع بحرن جي مٿان انهيءَ جو آواز گونجي ٿو.

4 خداوند جو آواز وڏي قدرت ۽ زور وارو آهي. هائو، سندس آواز شاهي شان وارو آهي.

5 خداوند جو آواز اهڙو آهي جو ديال جي وڻن کي ڀڃيو ڇڏي، بلڪ لبناني ديال جي وڻن کي بہ هو ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿو ڇڏي.

6 هو لبنان جي ٽڪرن کي گابي وانگر ٿو ڪُڏائي. هو حرمون جبل کي وهڙي جيان ٽپا ٿو ڏياري.

7 خداوند جي آواز سان وڄ جو چمڪو ٿئي ٿو.

8 خداوند جو آواز بيابانن کي لوڏي ٿو ڇڏي. بلڪ سندس آواز قاديس جي بيابان کي بہ ڏڪايو ڇڏي.

9 خداوند جو آواز اهڙو آهي، جو اهو شاهہ‌بلوط وڻن کي مروٽيو ڇڏي. هو ٻيلن جا وڻ بہ پنن کان ٻُٽا ٿو ڪري ڇڏي. هن جي هيڪل ۾ هر ڪو واکاڻيندي چوي ٿو تہ ”خداوند عظيم آهي! خداوند عظيم آهي!“

10 خداوند ئي اونهن پاڻين تي تخت‌نشين آهي، هو بادشاهہ طور هميشہ هميشہ تخت‌نشين رهندو.

11 شل اهو خداوند پنهنجي قوم کي طاقت عطا ڪري. هائو، شل هو پنهنجي قوم کي سلامتي ۽ خوشحالي بخشي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan