زبور 28 - Muslim Sindhi Bibleعرض ۽ شڪرگذاري (دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خداوند! آءٌ تو کي پڪاريان ٿو، اي منهنجا محافظ! منهنجي ٻڌي تون اڻٻڌي نہ ڪر. ائين نہ ٿئي جو تون منهنجي طرف ڏانهن خاموش رهين، پوءِ آءٌ انهن جهڙو ٿيان جيڪي قبر اندر لهي ٿا وڃن. 2 آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل ڏانهن هٿ کڻي تو کي پڪاريان ٿو، منهنجي منٿ ٻڌي تون منهنجي مدد ڪر. 3 مون کي انهن بدڪارن ۽ بڇڙن سان گڏ نہ گهلجانءِ، جيڪي مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون تہ ڪن ٿا، پر انهن جي دلين ۾ دغا آهي. 4 تون انهن کي سندن ڪمن ۽ افعالن جي برائيءَ موجب بدلو ڏي. تون انهن کي سندن هٿن جو ڪيتو لوڙاءِ، ۽ کين اهڙي سزا ڏي جنهن جي هو لائق آهن. 5 جيئن تہ اي خداوند! اهي تنهنجي ڪمن ۽ دستڪاريءَ کي حقير ٿا ڄاڻن. تنهنڪري تون کين ڊاهي ڪيراءِ، ۽ وري کڙو نہ ڪرين. 6 هاڻي آءٌ پنهنجي خداوند جي تعريف ٿو ڪريان، جنهن مدد لاءِ منهنجي منٿ ٻڌي آهي. 7 خداوند منهنجي طاقت آهي ۽ اهو ئي منهنجو محافظ آهي. مون هن تي توڪل ڪئي ۽ کانئس مون کي مدد ملي آهي، سو منهنجي دل ڏاڍي خوش آهي. هاڻ آءٌ سندس شڪراني جا گيت پيو ڳائيندس. 8 خداوند ئي پنهنجي قوم جي طاقت آهي. هو پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ لاءِ محفوظ قلعو آهي. 9 اي خداوند! پنهنجي قوم کي بچاءِ، هائو، پنهنجي انهيءَ ميراث کي برڪت عطا ڪر. تون انهن جو رکوالو ٿيءُ ۽ کين سدائين سنڀالي رک. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society