زبور 26 - Muslim Sindhi Bibleنيڪ ماڻهوءَ جي دعا (دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خداوند! مون کي سچار قرار ڏي، ڇوجو آءٌ ايمانداريءَ سان هليو آهيان. تو خداوند تي مون ڀروسو رکيو آهي، ۽ ان ۾ آءٌ ڪين ٿاٻڙيو آهيان. 2 اي خداوند! ڀلي تون امتحان وٺ ۽ مون کي آزماءِ، تون منهنجيءَ دل ۽ منهنجي دماغ جي پرک لهُہ. 3 تو خداوند جي لافاني شفقت منهنجي اکين اڳيان آهي. آءٌ تنهنجي سچائيءَ واري راهہ تي هلندو رهيو آهيان. 4 آءٌ بيهودن ماڻهن سان ڪڏهن گڏجي ڪين ويٺو آهيان، نہ ئي مون ڪڏهن دوکيبازن جو ڪو ساٿ ڏنو آهي. 5 بدڪارن جي ٽولي کان مون کي نفرت آهي. آءٌ انهن بڇڙن سان ڪڏهن ڪين ويٺو آهيان. 6 اي خداوند! آءٌ تنهنجي هيڪل ۾ پنهنجي بيڏوهي هجڻ جي ثابتي ڏيڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڌوئي تنهنجي قربانگاهہ جو طواف ٿو ڪريان. 7 طواف ڪندي آءٌ تنهنجا شڪرانا پيو ڳايان، ۽ تنهنجي سڀني عجيب ڪمن جو بيان ڪندو ٿو رهان. 8 اي خداوند! جتي تون رهين ٿو، هائو، جنهن جاءِ ۾ تنهنجو جلوو ٿو چمڪي، تنهن سان آءٌ پيار ڪريان ٿو. 9 تون مون کي گنهگارن سان گڏي ناس نہ ڪجانءِ، نڪي خوني ماڻهن سان گڏ مون کي موت جي سزا ڏجانءِ. 10 اهي ماڻهو بدڪاريءَ منجھہ ٻڏل آهن، ۽ سندن هٿ رشوتن ۾ رنڱيل آهن. 11 پر جيئن تہ آءٌ پنهنجي سچائيءَ سان هلندو رهان ٿو، سو تون مون تي رحم ڪر ۽ مون کي اچي ڇڏاءِ. 12 منهنجا قدم سنئين سڌي رستي تي قائم آهن، سو اي خداوند! آءٌ هيڪل جي وڏين گڏجاڻين ۾ ضرور تنهنجي واکاڻ ڪندس. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society