زبور 25 - Muslim Sindhi Bibleرهنمائيءَ ۽ حفاظت لاءِ دعا (دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خداوند! آءٌ تنهنجي بندگي ڪندو رهان ٿو. 2 اي منهنجا خدا! آءٌ تو تي ئي ڀروسو رکان ٿو. اي خدا! مون کي ڪڏهن بہ شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ، ائين نہ ٿئي جو منهنجا دشمن اچي مون تي کل چرچو ڪن. 3 بيشڪ، جن کي تو تي ڀروسو آهي، تن مان ڪوبہ شرمسار نہ ٿيندو، پر جيڪي ناحق دغا ٿا ڪن تن کي ئي ذليل وَ خوار ڪيو ويندو. 4 اي خداوند! مون کي پنهنجيون راهون کولي ڏيکار، تون مون کي پنهنجو هر پيچرو ٻڌاءِ. 5 مون کي پنهنجي سچائيءَ واري راهہ تي هلاءِ ۽ هدايت ڏي، ڇاڪاڻ تہ تون ئي تہ منهنجو ڇڏائيندڙ خدا آهين. اي خداوند! منهنجو تو تي سدائين ڀروسو آهي. 6 اي خداوند! تون پنهنجيون رحمتون ۽ شفقتون ياد ڪر، جيڪي تون ازل کان ڏيکاريندو رهيو آهين. 7 تون منهنجا گناهہ ۽ جوانيءَ جون گستاخيون ياد نہ ڪر. اي خداوند! پنهنجي دائمي شفقت سان مون کي پنهنجي ڀلائي ڏيکار ۽ وساري نہ ڇڏج. 8 بيشڪ اي خداوند! تون ڏاڍو ڀلو ۽ سچو آهين، تنهنڪري گمراهن کي سچائيءَ جي واٽ ڏيکارين ٿو. 9 جيڪي تنهنجا تابعدار آهن، تن کي سڌيءَ راهہ تي هلائين ٿو. هائو، پنهنجي تابعدارن کي تون پنهنجي واٽ ڏيکارين ٿو. 10 اي خداوند! جيڪي تنهنجي عهد تي، ۽ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ٿا ڪن، تن جي تون وفا ۽ دائمي شفقت سان رهنمائي ٿو ڪرين. 11 اي خداوند! منهنجي بدڪاري تمام وڏي آهي، سو پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب تون اها معاف ڪر. 12 جيڪي ماڻهو تنهنجو خوف رکن ٿا، تن کي ئي تون پنهنجو وڻندڙ رستو ڏيکارين ٿو. 13 اهي سدائين سکيا ستابا ٿا رهن، ۽ سندن اولاد بہ ملڪ جو وارث ٿئي ٿو. 14 اي خداوند! جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن، تن کي تون پنهنجي راز ۾ شامل ٿو ڪرين، ۽ انهن سان ٻڌل پنهنجو عهد پورو ڪرين ٿو. 15 منهنجيون اکيون هر وقت تو ڏانهن لڳل رهن ٿيون، ڇوجو تون ئي مون کي هر ڦندي مان ڇڏائين ٿو. 16 سو اي خداوند! مون ڏانهن توجھہ ڪر، ۽ مون تي رحم ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بلڪل اڪيلو ۽ ڏکن ۾ ڦاٿل آهيان. 17 منهنجي دل جا ڏک دور ڪر. مون کي سڀني مصيبتن کان ڇڏاءِ. 18 تون منهنجي ڏکن ۽ تڪليفن تي نظر ڪر، ۽ منهنجا سمورا گناهہ معاف ڪر. 19 اي خداوند! ڏس، منهنجا دشمن ڪيڏا نہ گھڻا آهن! اهي مون سان ڪيڏو نہ سخت ڪينو ٿا رکن! 20 مون تنهنجي پناهہ ورتي آهي، سو منهنجي جان جي حفاظت ڪر ۽ مون کي بچاءِ. ائين نہ ٿئي جو آءٌ شرمندو ٿيان. 21 آءٌ دل جي سچائيءَ سان تنهنجي تابعداري ٿو ڪريان، اي خداوند! مون کي تنهنجو ئي آسرو آهي، تہ تون مون کي بچائيندين. 22 اي خدا! تون اسان بني اسرائيل کي اسان جي سڀني ڏکن تڪليفن کان ڇڏاءِ. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society