Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 22 - Muslim Sindhi Bible


دُک جي دانهن ۽ واکاڻ جو گيت
(استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي ”فجر واري هرڻي“ جي سُر تي ڳايو وڃي. دائود جي زبورن ۾ شامل)

1 منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو ڇو مون کي ڇڏي ڏنو آهي؟ تون منهنجي مدد ڪرڻ ۽ دانهن ٻڌڻ کان ڇو دور ٿو رهين؟

2 اي منهنجا خدا! آءٌ ڏينهن رات تو کي پڪاريندو ٿو رهان، پر تون منهنجي دانهن تي ڪو ڌيان نہ ٿو ڏين.

3 تنهن هوندي بہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون پنهنجي عظمت سان تخت‌نشين آهين. اهو تون ئي تہ آهين جنهن کي بني اسرائيل ساراهي ٿو.

4 اسان جي ابن ڏاڏن تو تي ڀروسو رکيو. هائو، تو تي ئي سندن ڀروسو هو ۽ تو ئي کين ڇڏايو.

5 تو ئي سندن پڪار ٻڌي کين هر مصيبت مان ڇڏايو. هنن تو تي پورو ڀروسو رکيو ۽ هو شرمندا نہ ٿيا.

6 پر مون کي ڪيڙو سمجھيو وڃي ٿو، آءٌ ڄڻ انسان ئي ناهيان. سڀيئي ماڻهو مون کي حقير ۽ ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن.

7 جيڪي مون کي ڏسن ٿا سي مون تي کلندا ٿا وتن. هو منهنجا چٻرا ٿا ڪڍن ۽ ڪنڌ کي لوڏو ڏيئي هيئن چون ٿا تہ

8 ”جيڪڏهن هن جي خدا تي توڪل آهي، تہ پوءِ اهو کيس ڇو نہ ٿو بچائي! جيڪڏهن اُهو کانئس خوش آهي، تہ پوءِ کيس ڇو نہ ٿو ڇڏائي!“

9 اي خدا! اهو تون ئي تہ آهين، جنهن مون کي صحيح سلامت پيٽ مان ڪڍيو. آءٌ جڏهن اڃا ٿڃ ڌائيندڙ ئي هئس، تڏهن کان تنهنجي حفاظت ۾ رهيو آهيان.

10 ڄمڻ جي ڏينهن کان ئي تون مون کي سنڀالين ٿو. جڏهن آءٌ ماءُ جي پيٽ مان نڪتس، تڏهن کان تون منهنجو خدا آهين.

11 هاڻي تون مون کان پري نہ ٿيءُ، ڇوجو مصيبت ويجھي آهي، ۽ منهنجو ڪو ئي بہ مددگار ڪونهي.

12 گھڻن دشمنن ويڙهاڪن ڏاندن جيان منهنجو اچي گھيرو ڪيو آهي. هائو، بسن ملڪ جي زورآور ڏاندن جيان هو مون کي وڪوڙي ويا آهن.

13 هو چيريندڙ ڦاڙيندڙ ۽ گُرڪندڙ بگھڙ وانگر، مون لاءِ پنهنجا وات ڦاڙيو ويٺا آهن.

14 آءٌ پاڻيءَ وانگر هارجان پيو. منهنجيون هڏيون جوڙن کان نڪري پيون آهن، ۽ منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي سيني ۾ رجندي ٿي وڃي.

15 منهنجي نڙي سُڪي ٺڪر ٿي ويئي آهي، ۽ ڄڀ وڃي تارونءَ سان لڳي آهي. آہ! اي خداوند! تو مون کي موت واري ڌوڙ ۾ آڻي ملايو آهي.

16 بدڪارن جي ٽولي اچي ڪتن جيان منهنجو گھيرو ڪيو آهي. هنن ڇتن ڪتن جيان منهنجي هٿن پيرن کي چيري ڦاڙي ڇڏيو آهي.

17 هاڻ تہ منهنجيون سڀ هڏيون ڏسجڻ ۾ ٿيون اچن. دشمن مون کي چتائي ۽ گھُوري ڏسن ٿا.

18 هو منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائين ٿا، هائو، منهنجي پوشاڪ لاءِ هو پاڻ ۾ پُکا وجھن ٿا.

19 سو اي خداوند! تون مون کان پري نہ ٿيءُ. اي منهنجا واهرؤ! تون سِگھو اچي منهنجي مدد ڪر.

20 تون اچي منهنجي جان کي تلوارن کان ڇڏاءِ. تون هنن ڪتن جي چڪ منجھان منهنجي قيمتي حياتي اچي بچاءِ.

21 مون کي هنن بگھڙن جي وات منجھان اچي ڇڏاءِ. هائو، تون مون کي هنن ويڙهاڪن سانَهن جي سڱن کان بچاءِ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بلڪل لاچار آهيان.

22 آءٌ پنهنجي قوم وارن ۾ تنهنجو نالو پڌرو ڪندس، ۽ هيڪل جي گڏجاڻيءَ ۾ تنهنجو هي حمد ڳائيندس تہ

23 ”اي خداوند جو خوف رکڻ وارؤ! اوهين سندس تعريف ڪريو. اي يعقوب جو اولاد! اوهين هن جي بزرگي بيان ڪريو. هائو، اوهين سڀ اي اسرائيل جو اولاد! هن جي تعظيم ڪريو.

24 ڏکويلن جي ڏک جي خداوند ڪڏهن حقارت نہ ڪئي آهي، ۽ نہ وري انهيءَ کي نظرانداز ڪيو اٿائين. هن انهن کان ڪڏهن بہ پنهنجو منهن نہ موڙيو آهي، بلڪ جڏهن بہ هنن کيس پڪاريو آهي، تڏهن انهن جي ٻُڌي اٿائين.“

25 آءٌ سندس عنايت سان هيڪل جي وڏي گڏجاڻيءَ ۾ واکاڻ ڪندس. آءٌ سندس عبادت‌گذارن جي روبرو باس جون قربانيون پيش ڪندس.

26 غريب ماڻهو اهي کائي ڍءُ ڪندا، ۽ خداوند جا طالبو سندس تعريف ڪندا. شال انهن سڀني جون دليون سدائين زندہ رهن!

27 سڄو جهان خداوند کي ياد ڪندو ۽ ڏانهس ڦرندو. هائو، سڀيئي قومون انهيءَ جي آڏو سجدو ڪنديون.

28 خداوند ئي هر شيءِ تي غالب آهي، هو ئي سڀني قومن جو حاڪم آهي.

29 دنيا جو هر فاني انسان رڳو کيس ئي سجدو ڪندو. بيشڪ خاڪ ۾ وڃي ملڻ وارا سڀ سندس آڏو جھڪندا، هائو، اهي سڀ جيڪي موت کان پاڻ کي بچائي نہ ٿا سگھن.

30 ايندڙ ٻيون پيڙهيون بہ هن جي عبادت ڪنديون. اُهي ئي وري ٻين ايندڙ پيڙهين کي پنهنجي ڌڻيءَ جو بيان ٻڌائينديون.

31 هائو، جيڪي پوءِ پيدا ٿيندا، تن کي اهي خداوند جا ڪم ظاهر ڪري چوندا تہ ”خداوند ئي پنهنجي قوم کي ڇڏايو هو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan