زبور 21 - Muslim Sindhi Bibleفتح لاءِ واکاڻ (استاد موسيقار لاءِ، دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خداوند! تنهنجي ڏنل طاقت تي بادشاهہ بيحد خوش آهي. تو کيس جيڪا فتح بخشي آهي تنهن لاءِ هو ڪيڏو نہ سرهو آهي! 2 تو ئي تہ هن جي دل جي مراد پوري ڪئي آهي. هن جي زبان جو ڪو عرض تو رد نہ ڪيو آهي. 3 تو عمدين برڪتن سان اچي کيس نوازيو آهي، ۽ سندس مٿي تي نج سون جو تاج رکيو اٿيئي. 4 هن تو کان حياتي گھري، جيڪا تو کيس بخشي ڏني. تو نہ رڳو حياتي ڏنس، بلڪ وڏي ڄمار پڻ عطا ڪري ڇڏيس. 5 تنهنجيءَ ئي مدد سان هن جو مان مٿاهون ٿيو آهي. بيشڪ تو هن کي عظمت ۽ شان وَ شوڪت عطا ڪئي آهي. 6 تون ئي هن کي هميشہ برڪتن سان مالا مال ڪرين ٿو، ۽ کيس پنهنجي حضور جي خوشين سان ڀرپور رکين ٿو. 7 بيشڪ خداوند تي ئي بادشاهہ جو ڀروسو آهي. سو خدا تعاليٰ جي دائمي شفقت جي ڪري کيس ڪڏهن بہ لوڏو ڪونہ ايندو. 8 اي بادشاهہ! تون پنهنجي سڀني دشمنن کي ڳولي قابو ڪندين. هائو، جن کي تو کان نفرت آهي، سي تنهنجي زورآور هٿ کان بچي نہ سگھندا. 9 تون پنهنجي غصي وقت کين ائين ساڙي وجھندين، جيئن ٻرندڙ تنور ۾ ساڙيو وڃي. اهو خداوند جو ئي غصو آهي جيڪو کين ڳهي ويندو. هائو، اهو باهہ جو شعلو بڻجي کين ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندو. 10 اي بادشاهہ! تون انهن جو اولاد بني آدم مان نابود ڪري ڇڏيندين. هائو، تون ڌرتيءَ تان سندن نسل کي ئي مِٽائي ڇڏيندين. 11 جيتوڻيڪ هنن تنهنجي خلاف برائيءَ جو ارادو ڪيو آهي، تہ بہ هو پنهنجي انهيءَ رٿيل سازش ۾ ڪامياب ٿي نہ سگھندا. 12 تون جڏهن پنهنجا تير زهہ تي چاڙهي سندن سامهون ٿيندين، تڏهن کين پٺي ڏياري ڀڄائي ڪڍندين. 13 اي خداوند! تنهنجي قدرت جي ڪري اسين تنهنجي واکاڻ ڪنداسين. هائو، اسين گيت ڳائيندي تنهنجي عجيب ڪمن جي تعريف ڪنداسين. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society