Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 2 - Muslim Sindhi Bible


خدا جو مخصوص ڪيل بادشاهہ

1 غير قومون ڇو بغاوت ٿيون ڪن؟ اهي ڇو اجايا منصوبا ٿيون جوڙين؟

2 خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي خلاف ڌرتيءَ جا ٻيا بادشاهہ اُٿي کڙا ٿيا آهن. اهي پاڻ ۾ سازشون ڪري پوءِ هيئن چوندا ٿا وتن تہ

3 ”اچو تہ اسين پاڻ تان سندن ٻڌل رسا ٽوڙي آزاد ٿيون، هائو، اسين سندن تابعداريءَ مان پاڻ کي آزاد ڪري وٺون.“

4 اهو جيڪو عرش عظيم تي ويٺو آهي سو مٿن کلي ٿو. سندن انهن هيڻن منصوبن تي خداوند مٿن ٺٺوليون ٿو ڪري.

5 پوءِ هو انهن تي ڪاوڙجي کين ڇينڀ ٿو ڪڍي، هو پنهنجي سخت قهر وچان انهن منجھہ دهشت ٿو وجھي.

6 هو کين چوي ٿو تہ ”مون تہ پنهنجي پاڪ جبل صيئون تي، پنهنجو ئي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“

7 تڏهن بادشاهہ چيو تہ ”خداوند جيڪو واعدو مون سان ڪيو آهي، سو آءٌ پڌرو ٿو ڪريان تہ ’اي بادشاهہ! تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ کان آءٌ تو کي پنهنجو پٽ ٿو بڻايان.

8 تون مون کان گھُر تہ آءٌ سڀ قومون تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ هيءَ سڄي ڌرتي تنهنجي ملڪيت ۾ ڏيئي ڇڏيندس.

9 تون انهن تي لوهہ جي شاهي لٺ سان حڪمراني ڪندين، تون انهن کي ٺڪر جي ٿانون وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندين.‘“

10 تنهنڪري اي بادشاهؤ! هاڻي اوهين ڏاها ٿيو. هائو، اي ڌرتيءَ جا حڪمرانؤ! هاڻي اوهين هدايت وٺو.

11 اوهين ڊڄندي ڊڄندي خداوند جي عبادت ڪريو. هائو، کانئس ڏڪندي ڏڪندي سندس بندگي ڪريو.

12 متان هو اوهان تي غصي ٿئي، ۽ اوهان کي پل ۾ نابود ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن جي ڪاوڙ جلد ئي ڀڙڪڻ واري آهي. سڀاڳا آهن اهي سڀيئي، جيڪي سندس پناهہ ۾ اچن ٿا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan