Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 19 - Muslim Sindhi Bible


مخلوق ۾ خدا جو جلوو
(استاد موسيقار لاءِ، دائود جي زبورن ۾ شامل)

1 آسمان خدا جو جلوو ظاهر ڪن ٿا. بيشڪ اهي سندس هٿن جي ڪاريگريءَ کي پڌرو ڪن ٿا.

2 هر ڪو ڏينهن ٻئي ڏينهن کي خدا جي عظمت ٿو ٻڌائي، ۽ هر ڪا رات ٻيءَ رات کي خدا جي حڪمت ٿي سيکاري.

3 توڙي جو انهن جي نڪي ٻولي ٿي ٻڌجي، نہ ڪو لفظ، ۽ نہ ئي وري انهن جو ڪو آواز ٻڌجڻ ۾ ٿو اچي،

4 تہ بہ انهن جي لات سڄي دنيا ۾، ۽ انهن جو پيغام ڌرتيءَ جي ڇيڙي تائين ٿو پهچي. آسمانن منجھہ خدا سج جي واسطي خيمو کوڙيو آهي،

5 جيڪو صبح جو گھوٽ جيان پنهنجي ڪمري مان ٻاهر نڪري ٿو، ۽ هڪ پرجوش جوان جيان گوءِ ۾ ڊوڙڻ لاءِ تيار ٿو ٿئي.

6 هو آسمان جي هڪڙي ڇيڙي کان نڪري ٻئي ڇيڙي تائين گشت ڪري ٿو. هن جي گرميءَ کان ڪڏهن بہ ڪا شيءِ لڪي نہ ٿي سگھي.


شريعت جي واکاڻ

7 خداوند جي شريعت ڪامل آهي، جيڪا جان کي تازگي ڏئي ٿي. هن جا حڪم ڀروسي جهڙا آهن، جيڪي نادانن کي بہ دانائي ٿا بخشن.

8 خداوند جا قاعدا سچا آهن، جيڪي دل کي خوشيون ٿا ڏين. هن جا حڪم حق وارا آهن، جيڪي اکين کي روشن ٿا ڪن.

9 خداوند جو خوف رکڻ ۾ پاڪيزگي رهي ٿي، سندس خوف هميشہ هميشہ تائين رکيو ويندو. خداوند جا فيصلا برحق ۽ سڀ جو سڀ سچا آهن.

10 اهي ماڻهن کي سون کان، بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ پسند آهن. اهي ماکيءَ کان، بلڪ ماناري واري ماکيءَ کان بہ وڌيڪ مٺا آهن.

11 آءٌ جيڪو خداوند جو ٻانهو آهيان، تنهن کي انهن مان ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. بيشڪ انهن تي عمل ڪرڻ سان بيحد اجر ملي ٿو.

12 اهڙو ماڻهو ڪير آهي، جيڪو پنهنجيءَ ڀُل کي پروڙي سگھي؟ سو اي خداوند! تون مون کي غير ارادي قصورن کان بچاءِ.

13 تون پنهنجي ٻانهي کي گستاخيءَ جي گناهن کان پڻ روڪ. شل ائين نہ ٿئي جو اُهي مون تي غالب پئجي وڃن! تنهنجي مدد سان ئي آءٌ بي‌ڏوهي ٿي پوندس، ۽ تو کان باغي ٿيڻ جهڙي گناهہ کان بچي ويندس.

14 اي خداوند! اي منهنجا محافظ! ۽ اي مون کي ڇڏائڻ جو حق رکندڙ! شال منهنجيون ڳالهيون ۽ منهنجا خيال تو وٽ قبول پون!

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan