زبور 16 - Muslim Sindhi Bibleخدا تي ڀروسو رکڻ واري جي دعا (دائود جي زبورن ۾ شامل، هڪ اُڪريل زبور) 1 اي خدا! تون منهنجي حفاظت ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي ئي پناهہ ٿو وٺان. 2 اي خداوند! آءٌ چوان ٿو تہ تون منهنجو رب آهين. تو کان سواءِ منهنجي ڀلائي ڪرڻ وارو ڪوبہ ڪونهي. 3 جيڪي تنهنجا چونڊيل آهن سي بيشڪ افضل آهن، انهن سان گڏجي رهڻ سان مون کي پوري خوشي ملي ٿي. 4 جيڪي غير معبودن ڏانهن ڊوڙن ٿا تن جا ڏک وڌندا ويندا. آءٌ انهن معبودن جي لاءِ رت وهائڻ جون قربانيون ڪين ڪندس، نہ ئي آءٌ پنهنجيءَ زبان سان ڪڏهن انهن جا نالا وٺندس. 5 اي خداوند! تون ئي منهنجي ميراث ۽ منهنجو نصيب آهين. منهنجي مستقبل جو تون ئي نگهبان آهين. 6 خداوند جيڪي چڱيون شيون مون کي ورثي طور ڏنيون آهن، سي ڪيڏيون نہ دلپسند آهن. 7 اي خداوند! آءٌ تنهنجي واکاڻ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ تون هر وقت منهنجي رهبري ٿو ڪرين. هائو، رات جي اونداهيءَ ۾ بہ تنهنجيون تعليمات منهنجي دل کي روشن ڪريو ڇڏين. 8 آءٌ هميشہ تو کي ئي پنهنجي آڏو رکان ٿو. جيئن تہ تون مون سان گڏ آهين، سو مون کي ڪو لوڏو ڪونہ ايندو. 9 انهيءَ ڪري آءٌ پوريءَ طرح امن وَ سلامتيءَ سان رهان ٿو، ۽ پنهنجي دل وَ جان سان خوشيون ٿو ملهايان. 10 آءٌ تنهنجو سچار بندو آهيان، تون مون کي برزخ ۾ وڃڻ ڪين ڏيندين. هائو، تون مون کي پاتال ڏسڻ ڪين ڏيندين. 11 تون مون کي هميشہ زندگيءَ جي راهہ پيو ڏيکاريندين، ۽ تنهنجي حضور ۾ آءٌ خوشين سان ڀرپور رهندس. هائو، تو سان گڏ رهڻ ۾ مون کي دائمي خوشيون حاصل ٿينديون. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society