زبور 150 - Muslim Sindhi Bibleخداوند جي واکاڻ 1 خداوند جي واکاڻ ڪريو. اوهين خداوند جي واکاڻ ڪريو، جيڪو مقدس جاءِ ۾ آهي. هائو، جيڪو عرش عظيم تي تختنشين آهي، تنهن جي اوهين واکاڻ ڪريو. 2 خداوند جي قدرت وارن ڪمن سبب انهيءَ جي واکاڻ ڪريو، هن جي وڏي عظمت جي ڪري اوهين سندس واکاڻ ڪريو. 3 نفيلن جي آواز سان گڏ اوهين سندس واکاڻ ڪريو، سارنگين ۽ دنبورن سان گڏ اوهين سندس واکاڻ ڪريو. 4 دڦ وڄائي ناچ ڪري اوهين سندس واکاڻ ڪريو، تار وارن سازن ۽ شرناين سان اوهين سندس واکاڻ ڪريو. 5 وڏي آواز سان ٽليون وڄائي اوهين سندس واکاڻ ڪريو، هائو، ٽلين جي جھنڪار سان اوهين انهيءَ جي واکاڻ ڪريو. 6 شال سڀڪو ساهوارو خداوند جي واکاڻ ڪري. خداوند جي واکاڻ ڪريو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society